ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نامياري اداڪارا، ميزبان ۽ هدايتڪارا ندا ياسر ۽ اسپورٽس اينڪرپرسن سويرا پاشا جي والده فهميده نسرين رضا الاهي سان وفات ڪري وئي آهي. ندا ياسر ان جي تصديق پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪندي سندس مغفرت جي دعا جي اپيل ڪئي آهي. ياد رهي ته ندا جي سس ۽ ياسر نواز جي والده گذريل سال وفات ڪري وئي هئي. ندا جي والده اسپتال ۾ داخل هئي ۽ بيماري سان جهيڙيندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.










