اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) سميت مختلف ادارن جي نجڪاري لاءِ ڪابينا جي نجڪاري ڪميٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي.تفصيل موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪابينا جي نجڪاري ڪميٽي جو پهريون اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ 2 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو، ان کان علاوه نجڪاري پروگرام جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويندو. پرائيويٽائيزيشن پاليسي ٺاھڻ جو خلاصو پيش ڪيو ويندو.










