اتر وزيرستان ۾ ڌماڪو، 11 مزدور مارجي ويا

اتر وزيرستان ۾ ڌماڪو، 11 مزدور مارجي ويا

پشاور(ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان جي تحصيل شوال ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا.ڊپٽي ڪمشنر ريحان گل موجب دهشتگردن هڪ گاڏي کي بارودي مواد سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 11 ڄڻا مارجي ويا.اختيارين جو چوڻ آهي ته گاڏي ۾ 13 مزدور سوار هئا، ڌماڪي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو تعلق ڏکڻ وزيرستان جي تعلقن مکين ۽ وانا سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو