لاهور (ويب ڊيسڪ)موجوده حڪومت جي پهرين 9 مهينن اندر 22 وزيرن 93 پرڏيهي دورا ڪيا پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو 18 دورن سان پهرين نمبر تي رهيو ٻين وزيرن ساڍا 8 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ خرچ ڪيو موجوده حڪوتم جي پهرين 9 مهينن ۾ ڪابينا جي ميمبرن 93 پرڏيهي دوران ڪيا پرڏيهي وزير 3-3 ڀيرا آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات جي دورن سميت 18 پرڏيهي دورا ڪيا پرڏيهي وزير جي انهن دورن تي ڪيترو خرچ ٿيو ان جو تفصيل اڃا ناهي اچي سگهيو ذريعن مطابق حنا رباني کر، 11 پرڏيهي دورن سان ٻئي نمبر تي آهي، جنهن آمريڪا، يو اي اي، چين، سعودي عرب فرانس، ۽ قطر جي دورن تي هڪ ڪروڙ 26 لک کان وڌيڪ خرچ ڪيو، نويد قمر ۽ مصدق ملڪ 7-7 دورن سان برابر رهيا پر خرچن جي مد ۾ نويد قمر مصدق ملڪ کان گوءِ کڻي ويو مصدق ملڪ جي 7 دورن تي 82 لک 87 هزار خرچ ٿيو جڏهن ته نويد قمر جي 7 دورن تي 98 لک 24 هزار خرچ ٿيو قادر پٽيل جي آمريڪا ۽ سوئٽزرلينڊ جي ٻن دورن تي ئي 77 لک 56 هزار خرچ ٿيو وفاقي وزير اسرار ترين ٻاهرين ملڪن جي پنجن دورن تي 77 لک 56 هزار خرچ ڪيو شازيه مري 4، فيصل ڪريم ڪندي 2، ساجد طوري 3 ۽ اياز صادق 2 دورا ڪيا عائشه غوث پاشا ۽ احسان مزاري 4 جڏهن ته مذهبي معاملن واري وزير پنجن ملڪن جا دورا ڪيا وزيرن جي دورن تي ڪل ساڍا 8 ڪروڙ خرچ آيو پرڏيهي وزير جي دورن جا خرچ ان کان الڳ آهن.










