آمريڪي ڪاميڊين جو اسرائيل خلاف طنز ۽ مزاح سان ڀرپور شو

آمريڪي ڪاميڊين جو اسرائيل خلاف طنز ۽ مزاح سان ڀرپور شو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪاميڊين ڪولن آرمسٽرانگ اسرائيل خلاف طنز ۽ مزاح سان ڀرپور شو ڪيو، جنهن سان تماشائي کلي کلي کير ٿي ويا. اسرائيلي بيس بال ٽيم کي “گھر چور” چوڻ تي هڪ عورت پاران شو ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي ڪاميڊين طنز ڪندي جواب ڏنو ته “اسرائيل سڄي دنيا تباهه ڪري ڇڏي، توهان منهنجو شو تباهه ڪري رهيون آهيو ڪاميڊين جڏهن شو ختم ڪرڻ لڳو ته مجمع مان ڪنهن چيو ته “گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻيو لطيفو ٻڌائي وڃو،” جنهن تي ڪاميڊين هڪ ڀيرو ٻيهر ان عورت تي طنز ڪندي چيو ته “هاڻي وڌيڪ لطيفا نه ٻڌائيندس، آئون امن سان رهڻ چاهيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو