واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن آرمي چيف جنرل عاصم منير سان فون تي رابطو ڪيو آهي.رپورٽن مطابق لائيڊ آسٽن آرمي چيف سان گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.آمريڪي بچاءَ واري وزير به جنرل عاصم منير کي آرمي چيف ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.










