واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪراري پاليسين خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا.بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب، ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين خلاف مظاهرين واشنگٽن، نيويارڪ، هوسٽن، فلوريڊا، ڪولوراڊو ۽ لاس اينجلس سميت ٻين هنڌن تي احتجاجي ريليون ڪڍيون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا جي 1,000 کان وڌيڪ شهرن ۾ منعقد ڪيل انهن ‘هٿ بند ڪريو’ احتجاجي ريلين ۾ حصو وٺندڙ مظاهرين اميگريشن پاليسين، واپاري ٽيرف، تعليمي بجيٽ ۾ ڪٽوتين، ۽ ايلون مسڪ جي اڳواڻي ۾ حڪومتي ڪارڪردگي کاتي پاران ڪيل 20,000 کان وڌيڪ وفاقي نوڪرين ۾ ڪٽوتين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.رپورٽ موجب، واشنگٽن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين خلاف احتجاج ۾ 20,000 کان وڌيڪ مظاهرين حصو ورتو.










