آفريدي پاران مريم نواز کي ڪي پي ۾ جلسو ڪرڻ جي آڇ

آفريدي پاران مريم نواز کي ڪي پي ۾ جلسو ڪرڻ جي آڇ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي مريم نواز کي ڪي پي ڪي ۾ جلسو ڪرڻ جو چيلينج ڏيندي چيو آهي ته مريم نواز ڪي پي ڪي ۾ ۽ مان پنجاب ۾ جلسو ڪندس ڏسون ٿا ته ڪنهن جي سڏ تي عوام وڌيڪ ٻاهر نڪري ٿي.لاهور جي ٽئين ڏينهن جي دوري دوران سينئر صحافين، اينڪر پرسنز، ڊيجيٽل ميڊيا جي نمائندن، مختلف ٽي وي چينلز جي بيورو چيفس سان ملاقات جي دوران ڳالهيون ڪندي هن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي خيبرپختونخواهه اچڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته مريم نواز خيبرپختونخواهه اچي، کيس ٻڌايو ويندو ته وزيراعليٰ جي عهدي جو استقبال ۽ احترام هڪ جمهوري مهذب انداز ۾ ڪهڙي طرح ڪيو ويندو آهي. سهيل آفريدي مريم نواز کي خيبرپختونخواهه ۾ جلسو منعقد ڪرڻ جو کليل چيلينج به ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت اها دعويٰ ڪري ٿي ته عمران خان جي سڏ تي عوام ٻاهر نٿي نڪري ته هو مريم نواز کي تياري جي لاءِ هڪ هفتي جو وقت ڏئي ٿو. هفتي جي تياري کان پوءِ مريم نواز خيبرپختونخواهه اچي ۽ اتي جلسو ڪري ڏيکاري. جڏهن ته انهي جي ابتڙ هو پاڻ پنجاب ۾ جلسو منعقد ڪندو انهي کان پوءِ اهو ظاهر ٿي ويندو ته ڪنهن جي سڏ تي عوام جو تعداد وڌيڪ ٻاهر نڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو