اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ آئيني ترميمن خلاف نئين درخواست داخل ڪئي وئي.درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين ۽ قانون واري وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.آئيني ترميمن خلاف نئين درخواست ايڊووڪيٽ وسيم چوڌري داخل ڪئي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آئيني ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته اهي بنيادي حقن، آئين ۽ عدليه جي آزادي جي خلاف آهن.درخواستگذار استدعا ڪئي ته ججن جي رٽائرمينٽ جي عمر بابت آرٽيڪل 179 کي بنيادي آئيني ڍانچي قرار ڏيندي ايگزيڪيوٽو کي عدليه بابت آئين ۾ ترميم ڪرڻ کان روڪيو وڃي.درخواست ۾ اهو به استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت عدليه جي آزادي ۽ غير جانبداري ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي.










