آئي فون 15 سافٽ ويئر جي مسئلن جلد حل ڪبو، ايپل

آئي فون 15 سافٽ ويئر جي مسئلن جلد حل ڪبو، ايپل

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)آئي فون 15 جي خريد ڪندڙن فون جي گرم ٿيڻ سان گڏ ان جي سافٽ ويئر جي به شڪايت ڪئي، جنهن تي ايپل انتظاميا ايڪشن ورتو ۽ مسئلا جلد حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.ايپل جو نئون آئي فون 15 وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رش نظر اچي رهي آهي، پر آئي فون 15 خريد ڪندڙن فون جي گرم ٿيڻ جي شڪايت ڪئي آهي، جنهن ۾ ان جو سافٽ ويئر به شامل آهي، جنهن تي ايپل جي انتظاميا جو موقف به سامهون اچي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ايپل انسٽاگرام ۽ اوبر جهڙين مشهور ايپس ۾ بگز تي آئي فون ۾ مسئلن جو الزام لڳايو آهي ۽ چيو ويو آهي ته اهي وڏيون ايپس فون کي گرم ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن.ڪمپني چيو آهي ته هو IOS17 سسٽم جي اپڊيٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان آئي فون 15 کي درپيش مسئلن کان نجات ملندي جنهن سبب فون سسٽم کي اوور لوڊ ڪري ٿو.ميڊيا رپورٽن موجب ميٽا پليٽ فارمز جي مالڪ انسٽاگرام هن هفتي جي شروعات ۾ پنهنجي سوشل ميڊيا ايپ ۾ ترميم ڪئي ته جيئن ان کي جديد آئي فون آپريٽنگ سسٽم تي ڊيوائس کي وڌيڪ گرم ٿيڻ کان روڪيو وڃي، جڏهن ته اوبر مينيجمينٽ سميت ٻين گيمز جي ايپس کي اپڊيٽ ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو