دبئي (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) 2024ع جي مردن جي ٽيسٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر ۾ انگلينڊ جا 4، ڀارت جا 3، نيوزي لينڊ جا 2، ۽ آسٽريليا ۽ سريلنڪا جو هڪ هڪ رانديگر شامل آهي، جڏهن ته پاڪستان جو ڪو به رانديگر ٽيم ۾ شامل نه ٿيو.آءِ سي سي ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر جو ڪپتان آسٽريليا جو پيٽ ڪمنز آهي.ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر ۾ ٻين رانديگرن ۾ هندستان جو يشسوي جيسوال، رويندرا جڊيجا، جسپريت بمرا، انگلينڊ جو بين ڊڪٽ، جو روٽ، هيري بروڪ، جيمي سمٿ شامل آهن.ان کان علاوه، نيوزي لينڊ جو ڪين وليمسن، ميٽ هينري، ۽ سريلنڪا جو ڪمندو مينڊس پڻ آءِ سي سي ٽيسٽ ٽيم آف دي ايئر جو حصو آهن.










