آءِ ايم ايف پروگرام 2027 تائين اسان جو پروگرام آهي: احسن اقبال

آءِ ايم ايف پروگرام 2027 تائين اسان جو پروگرام آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام 2027 تائين اسان جو پروگرام آهي ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته جڏهن اسان 2022 ۾ اقتدار ۾ آياسين ته اسان کي ايل سي ڪال ڪري کولڻي پئي. ان وقت، اسان اندروني طور تي تقريبن ڊفالٽ ۾ هئاسين. احسن اقبال چيو ته پهرين اپريل 2022 تي ناڻي واري وزارت پنهنجا هٿ مٿي ڪيا هئا. ناڻي واري وزارت چيو ته اها ترقياتي بجيٽ جي آخري ٽه ماهي قسط جاري نه ڪندي. هن وقت، جتي اسان آيا آهيون اهو هڪ شاندار بحالي آهي. هن چيو ته فِچ، اسٽينڊرڊ اينڊ پورز ۽ موڊيز پاڪستان جي ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪيو آهي. افراط زر 38 سيڪڙو وڌي رهيو هو، پر اڄ اهو گهٽجي 4 سيڪڙو تي اچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو