اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ماهرن جي ٽيم پاڪستان پهچي وئي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف جا ماهر اڄ کان ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جي عملدارن سان ملاقاتون ڪندا.آءِ ايم ايف جا ماهر ٽيڪس روينيو ۽ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ لاءِ صلاح مشورا ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪل ماهرن جو وفد پاڪستاني اختيارين سان ٽيڪس پاليسي تي اٽڪل هڪ هفتي تائين مشاورت ڪندو.ايف بي آر ۽ آءِ ايم ايف جو ٽيڪنيڪل وفد ٽيڪس پاليسي ۾ ترميم لاءِ قدم کڻندو.










