اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان بابت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس جو نئون شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.پاڪستان جي معاملي تي آءِ ايم ايف جي بورڊ جو اجلاس 11 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي.اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ 700 ملين ڊالرن جي ايندڙ قسط جي منظوري جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف پاران 3 بلين ڊالر جي اسٽينڊ بائي انتظام هيٺ معاشي جائزي جي منظوري جو امڪان پڻ آهي.










