ٿرپارڪر: موٽرسائيڪلن سان ٽڪرائجڻ بعد ٽرالر اونڌو، هڪ ڄڻو فوت

ٿرپارڪر: موٽرسائيڪلن سان ٽڪرائجڻ بعد ٽرالر اونڌو، هڪ ڄڻو فوت

ٿرپارڪر(ن س ) سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر ۾ موٽرسائيڪلن سان ٽڪرائجڻ بعد ٽرالر اونڌو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.ريسڪيو اختيارين موجب حادثو مٺي باءِ پاس تي پيش آيو، جتي ٽرالر هيٺان دٻجي ويل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروائي جاري آهي.حادثي ۾ فوت ٿيل شخص جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو اختيارين موجب حادثي سبب مٺي باءِ پاس تي ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو