صوبن ۽ يونٽن سان 1991ع وارو پاڻي ٺاھ ختم ٿي ويندو

صوبن ۽ يونٽن سان 1991ع وارو پاڻي ٺاھ ختم ٿي ويندو

ميرپورخاص: (ن س ) ميرپورخاص ۾ ايس يو پي جي آبادگار فورم طرفان زراعت ۽ ماحوليات بابت سيمينار، سيد زين شاھ چيو آھي تھ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن سان 1991ع وارو پاڻي ٺاھ ختم ٿي ويندو، جنھن سان سنڌ کي ڪاپاري ڌڪ رسندو.ميرپورخاص ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي آبادگار فورم طرفان ”سنڌ جي زراعت، ماحوليات ۽ چيلينجز“ جي سري ھيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنھن کي خطاب ڪندي سيد زين شاھ چيو آھي تھ نون صوبن، انتظامي يونٽن ۽ اڪنامڪ زون ۽ گرين پاڪستان جو نعرو بنيادي طور 1991ع وارو پاڻي ٺاھ ختم ڪرڻ لاءِ آھي، ڇاڪاڻ ته پاڻي 4 صوبن جو گڏيل حصو آھي، جيڪڏھن عوام ان جي مخالفت نه ڪئي ته انڊس ڊيلٽا تباھ ٿي ويندي، جنھن سان نه رڳو انسانن، پر سموري وڻراھ، جيت جڻيا ۽ سموري ماحوليات ختم ٿي ويندي. سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ سوا 2 ڪروڙ زمين مان 30 سيڪڙو زمين باراني آھي، جنھن کي اريگريشن سسٽم جي ڪمانڊ ايريا ۾ آڻڻ لاءِ نون ڪئنالن جو منصوبو رٿيو ويو آھي، جنھن سان سنڌ جي 5 لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿيندي. ھن وڌيڪ چيو ته نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي حوالي سان عوام کي سبز خواب ڏيکاريا پيا وڃن، پر اھڙي عمل سان سنڌ تي انتھائي ناڪاري اثر پوندا ۽ اھڙي عمل جي مخالفت ڪرڻ اسان جو فرض آھي. سيد زين شاھ وڌيڪ چيو تھ پنھنجي وسيلن، پاڻي، جاگرافيائي وحدت ۽ وطن جي دنگن کي بچائڻ لاءِ عوام کي ميدان ۾ لھڻو پوندو.سيمينار کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالھي چيو تھ زراعت سان ئي شھر آباد آھن ۽ اھو اسان جو وڏو معاشي ذريعو آھي. ھن چيو تھ رڳو زراعت سان 2 ڪروڙ پورھيت لاڳاپيل آھن. ھن چيو تھ ھندستان، پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي سازش ڪندي سنڌو طاس معاھدو معطل ڪيو. ھن چيو تھ اسان پنجاب تي پاڻي جي چوريءَ جو الزام تھ ھڻون ٿا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تھ سنڌ ۾ سياستدان، ڪامورا، جيڪي سڀ سنڌي آھن، اھي بھ مقامي سطح تي پاڻي چوري ۾ ملوث آھن، جنھن سان زراعت کي ڪاپاري نقصان پھچي رھيو آھي. سيمينار کي خطاب ڪندي آبادگار اڳواڻ مير امان اللھ ٽالپر چيو تھ سنڌ ۾ انتھائي بدانتظامي، ڪرپشن ۽ پاڻيءَ جي چوري آھي، جنھن کي سنڌ حڪومت روڪڻ ۾ ناڪام وئي آھي. ھن چيو تھ ٿر جي عام ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي پر ٿر ڪول لاءِ ڊيم ٺھن ۽ اتي پاڻي بھ پھچي ٿو. ھن چيو تھ ڊيلٽا ۾ پاڻي نھ ڇڏڻ سبب لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي. ھن چيو تھ موسمياتي تبديلين سبب ٿر ۾ ھن وقت ڏڪار جھڙي صورتحال آھي.ان موقعي تي خطاب ڪندي مشھور زميندار فيصلي ڪاڇيلي چيو ته زراعت واري وزير ڪمند جو اگھ مقرر ڪرڻ لاءِ اجلاس طلب ڪيو، ان ۾ آبادگار ته پھتا پر مل مالڪ نه پھتا. ھن چيو تھ زراعت جي حالت اھا آھي جو اسان پنھنجي محنت ۽ خرچن سان اپايل فصلن جا اگھ بھ پاڻ مقرر نٿا ڪري سگھون. آبادگار اڳواڻن عمر ٻگھيو، مير اعجاز ٽالپر، پروفيسر يوسف راجپوت، امير علي ٿيٻو , وڪيل علي حسن چانڊيو۽ ٻين چيو تھ نارا ڪئنال تي غير قانوني لفظ مشينون لڳل آھن، جن سان پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. ھنن وڌيڪ چيو تھ نارا ڪئنال تي دِڪا لڳايا ويا آھن، جنھن سان پاڻيءَ جي وھڪري تي انتھائي ناڪاري اثر پئجي رھيا آھن.ان موقعي تي قرارداد پيش ڪندي گھر ڪئي وئي تھ سنڌ کي 1991ع جي ٺاھ موجب پنھنجي حصي جو پاڻي ڏئي زراعت ۽ ڊيلٽا کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي ۽ انڊس رور سسٽم تي نون ڪئنالن جي رٿائن کي ختم ڪيو وڃي. سيمينار ۾ گھر ڪئي وئي تھ 18ھين ترميم تحت صوبي جي معدنيات ۽ قدرتي وسيلن تي سنڌ واسين جو حق آھي، جيڪو کين ڏنو وڃي ۽ ننڍن آبادگارن جي ترقيءَ لاءِ اسڪيمون جوڙي کين پنھنجي پيرن تي بيھاريو وڃي. قرارداد ۾ گھر ڪئي وئي تھ ٻيلن جي واڍي تي پابندي لڳائي، ٻيلن ۽ ڪچي جي زمين تان قبضا ختم ڪرايا وڃن. سيمينار ۾ گھر ڪئي وئي تھ ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي کي فعال بڻائي کارو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائي سنڌ جي زمينن کي سم ۽ ڪلر کان بچايو وڃي. ان موقعي تي اھا پڻ گھر ڪئي وئي ته رحيم يار خان جي صنعتن جي زھريلي پاڻيءَ جو ڇوڙ گھوٽڪي ضلعي ۾ بند ڪري، اتان جي ھزارين ايڪڙ زمينن کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو