ڪسٽم جي ڪارروائي، ايراني اسمگل ٿيل پيٽرول، ڊيزل هٿ

ڪسٽم جي ڪارروائي، ايراني اسمگل ٿيل پيٽرول، ڊيزل هٿ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽ) پاڪستان جي ڪسٽمز انفورسمينٽ ڪراچي ڪارروائي ڪندي ايراني اسمگل ٿيل 39 هزار 550 ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل هٿ ڪري ورتو.مليل ڳجهي اطلاع تي ڪسٽم اينٽي اسمگلنگ آرگنائيزيشن جي ٽيم غني چورنگي سائٽ ۽ گلبائي پل تي ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل سان ڀريل 2 ٽينڪرز کي روڪي لاڳاپيل دستاويزات طلب ڪيا، پر ٽينڪرز جو عملو دستاويزات فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. ڪارروائي جي دوران هڪ آئل ٽينڪر نمبر ٽي ايل ڊي 918 کان بائيڪو ريفائنري جا جعلي انوائنس به هٿ آيا.اختيارين طرفان آئل ٽينڪرز جي جانچ پڙتال دوران ٻنهي ٽينڪرز مان گڏيل طور تي 39 هزار 550 ليٽر اسمگل ٿيل ڊيزل ۽ پيٽرول هٿ آيو. ڪلڪٽر ڪسٽمز انفورسمنٽ فريد سالارزئي موجب هٿ آيل ڊيزل، پيٽرول ۽ ٻنهي آئل ٽينڪرز جي گڏيل ماليت 5 ڪروڙ 51 لک روپيه آهي. اختيارين ڪيس داخل ڪري اسمگل ٿيل ڊيزل، پيٽرول ۽ ٻئي آئل ٽينڪرز ضبط ڪري ورتا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو