خطي جي ترقي لاءِ پاڪستان جون 5 تجويزون، ايران جو علائقائي توانائيءَ جي پائيدار نظام جو مطالبو

خطي جي ترقي لاءِ پاڪستان جون 5 تجويزون، ايران جو علائقائي توانائيءَ جي پائيدار نظام جو مطالبو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ اقتصادي سهڪار واري تنظيم (اي سي او) جي وزيرن جي ڪائونسل جي 30هين اجلاس کي خطاب ڪندي علائقي ۾ توانائيءَ جي هڪ قابلِ اعتماد ۽ پائيدار نظام جي ضرورت تي زور ڏنو.
هن اهي خيال ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ جي حوالي سان ظاهر ڪيا، جنهن سبب ٻارڻ جي فراهميءَ جا اهم سامونڊي رستا، آبناءِ هرمز ۽ باب المندب، پڻ سخت متاثر ٿيا آهن.
پاڪستان ۾ ايراني سفارتخاني پاران جاري ڪيل سندس تقرير جي متن موجب، عباس عراقچي چيو ته ”اسان جي خطي کي رڳو هڪ آزاد سيڪيورٽي نظام جي نه، پر توانائيءَ جي فراهميءَ کي محفوظ بڻائڻ، رسد کي مستحڪم رکڻ، ٻاهرين خطرن کي گهٽائڻ ۽ جاگرافيائي سياسي بحرانن ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل صلاحيت وڌائڻ جي مقصد سان توانائيءَ جي هڪ قابلِ اعتماد ۽ پائيدار علائقائي نظام جي به ضرورت آهي.“
عراقچي چيو ته اي سي او پنهنجي ”روايتي ڪردار کان اڳتي وڌي، گڏيل عمل، مضبوط سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن لاءِ هڪ اثرائتو پليٽ فارم بڻجي رهي آهي.“ سندس چوڻ هو ته اها تبديلي ميمبر ملڪن کي ”اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ هڪ جامع ۽ منصفاڻي عالمي معاشي نظام جي قيام ۾ ڪردار ادا ڪرڻ“ جي قابل بڻائيندي.
هن خطي جي فائدي لاءِ هڪ ”جديد، نئين نسل جي، وڌيڪ جامع، اثرائتي ۽ عملي واپاري معاهدي“ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
ايران خلاف آمريڪي جنگ جو حوالو ڏيندي عراقچي چيو ته ”ايران سفارتي رابطن ۽ پرامن حلن لاءِ پنهنجي عزم تي قائم رهيو آهي.“
بهرحال، هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا هڪ مختلف رستو اختيار ڪيو، جيڪو ”جارحيت، ڌمڪين، مخصوص هدفن کي قتل ڪرڻ، معاشي دٻاءُ ۽ ناڪابنديءَ تي ٻڌل آهي، جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل ڀڃڪڙي آهي.“
هن واضح ڪيو ته ايران جو خطي جي ملڪن سان ”ڪو به بنيادي تڪرار ناهي.“ هن وڌيڪ چيو ته ”علائقي جي ملڪن جون زمينون، هوائي حدون ۽ سهولتون هڪ ٻئي خلاف حملا ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجن.“
عراقچي چيو ته ”ايران جا جائز دفاعي قدم رڳو جارح ملڪن جي هدفن ۽ فوجي اڏن خلاف آهن، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ پاڙيسري ملڪن جي عوام يا حڪومتن خلاف ڪارروائي نه سمجهڻ گهرجي.“
هن فلسطين جي صورتحال ڏانهن به ڌيان ڇڪايو ۽ اتي ٿيندڙ نسل ڪشيءَ کي ”سڀ کان وڌيڪ تڪڙو عالمي بحران“ قرار ڏنو. فلسطين ۾ اسرائيلي فوجن جي هٿان تباهي ۽ قتل عام جي مذمت ڪندي هن چيو ته ”اسان اولهه ڪناري ۽ والاريل القدس ۾ اسرائيلي حڪومت جي توسيع پسند پاليسين ۾ واڌ ڏسي رهيا آهيون.“
هن چيو ته ”هي اهڙو وقت آهي، جنهن ۾ عملي قدم کڻڻ، گڏيل ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ ۽ خاموشي توڙي لاتعلقي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.“ عراقچي پنهنجي تقرير جي پڄاڻي ڪندي ورجايو ته ايران جو استحڪام ۽ خوشحالي اي سي او جي ٻين ميمبر ملڪن جي استحڪام ۽ خوشحاليءَ سان ”اندروني طور ڳنڍيل“ آهي.
عراقچي جا اهي خيال نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي افتتاحي خطاب کان پوءِ سامهون آيا، جيڪو اجلاس جي صدارت ڪري رهيو آهي.
ان کان اڳ اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، خوشحال ۽ مستحڪم افغانستان چاهي ٿو، پر علائقائي سهڪار ۾ بامعنيٰ اڳڀرائيءَ لاءِ ضروري آهي ته افغان اختيارين پاڙيسري ملڪن جي جائز سلامتيءَ وارن خدشن، خاص طور دهشتگرديءَ جي خطري، کي منهن ڏين.
پاڪستان، جيڪو 2026ع کان 2027ع تائين اي سي او جي صدارت ڪري رهيو آهي، ”مستحڪم اي سي او لاءِ علائقائيت جي بحالي“ جي عنوان هيٺ هن اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي.
پنج ترجيحي شعبا
اي سي او جي صدارت دوران پاڪستان جي ترجيحن جو خاڪو پيش ڪندي اسحاق ڊار پنج اهم شعبن جي نشاندهي ڪئي، جن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي وڌائڻ، علائقائي رابطن کي مضبوط ڪرڻ، اي سي او واپاري معاهدي کي اڳتي وڌائڻ، علائقائي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ ۽ انساني ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.
پرڏيهي وزير چيو ته خطي جا قدرتي وسيلا، توانائيءَ جا ذخيرا، زرعي صلاحيت ۽ اهم جاگرافيائي حيثيت معاشي سهڪار جا وڏا موقعا فراهم ڪن ٿا، پر انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ فعال ٽرانسپورٽ رستا، سرحدن تي اثرائتا طريقا ۽ آمدرفت جا اڳڪٿيءَ لائق انتظام ضروري آهن.
هن چيو ته پاڪستان ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ وڌيڪ وسيع مارڪيٽ تائين پهچ، علائقائي قدرن جي زنجيرن کي مضبوط ڪرڻ ۽ خانگي شعبي، خاص طور ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي وڌيڪ شموليت لاءِ ڪم ڪندو.
علائقائي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت بابت ڊار آفتن جي تياري، اڳواٽ خبرداريءَ جي نظام، پاڻيءَ جي پائيدار انتظام ۽ موسمياتي تبديلين کي برداشت ڪندڙ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ وڌيڪ ويجهي سهڪار جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ پاڻي توڙي توانائيءَ جي وسيلن تي وڌندڙ دٻاءُ علائقي جي معيشتن لاءِ سنگين چئلينج بڻيل آهن.
علائقائي امن ۽ سفارتي ڪوششون
اسحاق ڊار خبردار ڪيو ته معاشي ترقيءَ لاءِ امن ۽ استحڪام لازمي آهن. هن چيو ته خطي ۾ تڪرار ۽ بدامني واپاري رستن، توانائيءَ جي فراهمي، سيڙپڪاري ۽ معاشي منصوبن کي متاثر ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ”امن ۽ ترقي هڪ ٻئي کي مضبوط ڪن ٿا.“
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خطي ۾ تڪرار ۽ عدم استحڪام بابت ”سخت ڳڻتي“ رکي ٿو.
ڊار چيو ته ”انهن جا اثر قومي سرحدن کان اڳتي وڌن ٿا ۽ واپاري رستن، توانائيءَ جي فراهمي، سيڙپڪاري ۽ اسان جي عوام جي معاشي منصوبن کي متاثر ڪن ٿا.“
هن چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ ذريعي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ مسلسل ڪوششون ڪندو رهيو آهي. خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.
سينيئر عملدارن اجلاس جو ايجنڊا حتمي بڻائي ڇڏيو
اي سي او جي سينيئر عملدارن تنظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي 30هين اجلاس کان اڳ ايجنڊا ۽ اسلام آباد پڌرنامي جو مسودو حتمي بڻائي ڇڏيو.
پرڏيهي معاملن واري وزارت (موفا) پاران جاري ڪيل بيان موجب، سينيئر عملدارن جو اجلاس (ايس او ايم) 15 نومبر تي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سفير عاصم افتخار احمد جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ اي سي او جي ميمبر ملڪن جي سينيئر عملدارن، تنظيم جي سيڪريٽريٽ جي نمائندن ۽ ان جي خصوصي ادارن توڙي علائقائي تنظيمن جي وفدن شرڪت ڪئي.
عملدارن وزيرن جي اجلاس جي تيارين جو جائزو ورتو ۽ پرڏيهي وزيرن جي غور لاءِ ايجنڊا ۽ اسلام آباد پڌرنامي جو مسودو حتمي بڻايو.
وزارت موجب، عملدارن سال دوران اي سي او سيڪريٽريٽ پاران ڪيل سرگرمين جو به جائزو ورتو، جن ۾ جاري پروگرام ۽ منصوبا، مختلف شعبن جي وزيرن جي اجلاسن جا نتيجا ۽ ماتحت ادارن توڙي خصوصي ادارن جو ڪم شامل هو.
اجلاس ۾ تنظيم جي انتظامي ۽ مالي معاملن تي پڻ بحث ڪيو ويو، جنهن دوران شرڪت ڪندڙن ان جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
سينيئر عملدارن جو اجلاس وزيرن جي ڪائونسل لاءِ تياريءَ واري فورم طور ڪم ڪري ٿو، جتي ميمبر ملڪ اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺن ٿا، گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي بحث ڪن ٿا ۽ وزيرن جي سطح جي ڳالهين کان اڳ تجويزن ۽ مسودن تي گڏيل اتفاق راءِ پيدا ڪن ٿا.
اجلاس ۾ ڪير شرڪت ڪري رهيو آهي؟
هن وقت پاڪستان، افغانستان، آذربائيجان، تاجڪستان، ايران، ترڪيه، قزاقستان، ترڪمانستان، ڪرغز جمهوريه ۽ ازبڪستان اي سي او جا ميمبر آهن. پرڏيهي آفيس پاران اجلاس لاءِ جاري ڪيل وفدن جي فهرست موجب، افغانستان مان ڪوبه نمائندو اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري رهيو آهي.
اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وفدن ۾ ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي، تاجڪستان جو پرڏيهي وزير سراج الدين مهرالدين، ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير رشيد مريدوف ۽ آذربائيجان جو نائب پرڏيهي وزير النور محمدوف شامل آهن.
ترڪيه جو نائب پرڏيهي وزير موسيٰ ڪولاڪليڪايا، قزاقستان جو نائب پرڏيهي وزير ارمان ايساگاليئف، ڪرغز جمهوريه جو نائب پرڏيهي وزير ڪيرات ترسُنڪولوف ۽ ازبڪستان جو نائب پرڏيهي وزير بابور عثمانوف مسعودووچ پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. ان کانسواءِ اتر قبرص جو پرڏيهي وزير به اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ موجود آهي.
اي سي او جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد ايم خان پڻ اجلاس ۾ موجود آهي، جڏهن ته ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتماد سازيءَ جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا) جو سيڪريٽري جنرل سلطان حاجيئف پڻ شرڪت ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو