عدالتي حڪم موجب منهنجو علاج ڪرايو، ٿي سگهي ٿو مان جيئرو واپس نه اچان، ججن کي خط

عدالتي حڪم موجب منهنجو علاج ڪرايو، ٿي سگهي ٿو مان جيئرو واپس نه اچان، ججن کي خط

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيف جسٽس جي نالي لکيل خط ۾ چيو آهي ته مون کي انصاف ڏيو، انهي کان پهريان جو گهڻي دير ٿي وڃي.آئيني عدالت جي چيف جسٽس، چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي نالي پي ٽي آءِ باني عمران خان جو خط بيسٽر سلمان صفدر جي ذريعي لکيو ويو.خط ۾ چيو ويو آهي ته مان جج صاحبان کان وڌيڪ رعايت نه گهري رهيو آهيان، منهنجي گذارش آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرائيندي مون کي مناسب علاج جي سهوليت فراهم ڪئي وڃي. عمران خان خط ۾ چيو ته جيڪڏهن مان زنده رهيس ته صرف انهي صورت ۾ پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪري سگهان ٿو، مون کي انصاف ڏيو انهي کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي. 10 نومبر تي منهنجو بلڊ پريشر 193 تي پهچي ويو هو. ڊاڪٽرن مون کي دل جي دوري ۽ برين هيمبرج جي خطرن جو امڪان ظاهر ڪيو هو.خط ۾ پي ٽي آءِ باني موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جو 18 آگسٽ جو شفا انٽرنيشنل اسپتال منتقلي، طبي معائني ۽ گهر ڀاتين سان ملاقات جو حڪم اڃان تائين لاڳو نه ٿي سگهيو آهي.پي ٽي آءِ باني خط ۾ چيو ته منهنجي گهر واري بشريٰ بي بي جي اکين جي روشني خطري ۾ آهي، ڌار رهڻ جي باوجود مون کي طبي سهولتون ۽ مناسب علاج نه پيو ڏنو وڃي. ڊگهو اڪيلائي ۾ قيد ۽ جيل قانون جي ڀڃڪڙي کان علاوه پوري سال جي دوران وڪيلن سان صرف 4 ڀيرا ملاقات جي اجازت ملي.خط ۾ طبي سهولتن ۽ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد جي اپيل ڪندي وڌيڪ چيو ويو آهي ته پنهنجي آواز ڀتن کان ٻاهر پهچائڻ جي لاءِ اهو خط لکي رهيو آهيان، مون کي سياسي انتقام جو نشانو بنايو ويو آهي. 70 سالن جي عمر کان پوءِ منهنجي خلاف سياسي انتقام جي مهم شروع ڪئي وئي.عمران خان خط ۾ چيو ته 2 سالن کان وڌيڪ وقت جي روزاني 22 ڪلاڪ اڪيلائي ۾ رکيو پيو وڃي. نه گهر ڀاتين سان ملاقات، نه وڪيلن تائين پهچ، نه ڪتاب ۽ نه ٽيليويزن، جيل اختياريون گهر ڀاتين سان هفتيوار ملاقات به ملسلسل ملتوي ڪري رهيون آهن. منهنجي پٽن کي فون تي ڳالهائڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. اڪيلائپ ۽ انساني رابطي جي کوٽ منهنجي ذهني صحت کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي.پي ٽي آءِ باني خط ۾ چيو ته منهنجي گهر واري کي به اڪيلائپ ۾ قيد رکيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ 18 آگسٽ تي مون کي شفا انٽرنيشڻل اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، انهي جي باوجود طبي منتقلي تي عمل نه ٿي سگهيو هو. عمران خان خط ۾ وڌيڪ چيو ته القادر اپيل کي ٻين پراڻين اپيلن تي اوليت ڏني پئي وڃي. منهنجي صحت ۽ بنيادي حقن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. مان ڪنهن رعايت جو طلبگار نه آهيان صرف عدالتي حڪمن تي عملدرآمد چاهيان ٿو. مون کي گهڻي دير ٿيڻ کان اڳ انصاف ڏنو وڃي.هوڏانهن هاءِ ڪورٽ جي ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو خط اڃان تائين چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي نه ملي سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو