ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي ماڻهن جا حق کائڻ جو ٺيڪو کڻي ورتو آهي.سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي علي خورشيدي چيو ته آباد وارا چون ٿا ته زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، ايس بي سي اي ڀتو وصول ڪري ٿو، مهمان خاص به ناصر شاهه کي گهرائيندا آهن پر سنڌ حڪومت جا وزير اتي نڪ جي پڪائي سان وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن.هن چيو ته ڪراچي جي ڊوميسائيل کي ڪجهه پئسن جي عيوض وڪرو ڪيو پيو وڃي، اهو ظلم، زيادتي هاڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، سوين جي تعداد ۾ جعلي ڊوميسائيل تي ايم ڊي ڪيٽ جا ٽيسٽ ورتا ويا.علي خورشيدي چيو ته پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت ۾ مٿي جو جهومر سڏائيندڙ شهر بدحال ٿي چڪو آهي، ڪراچي دنيا جو بدترين شهر بڻجي چڪو آهي، 18 سالن جي اقتدار ۾ اوهان هڪ ڦڙو به پاڻي نه ڏئي سگهيا آهيو، پوءِ چئو ٿا ته اسان جي خلاف پروپيگنڊا ٿي رهي آهي.هن چيو ته هن شهر کي ٽرانسپورٽ وارو وزير 1500 بسون نه ڏئي سگهيو آهي، سوشل ميڊيا مهم تي ڪروڙين روپيه اهي ماڻهو خرچ ڪري ڇڏين ٿا، انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڇا ٿيندو آهي انهي جي سڀني کي خبر آهي، انفارميشن ڊپارٽمينٽ پسنديده ڪم ڪرڻ ۾ بازي کڻي ويو آهي.










