افغان اختياريون پاڙيسري ملڪن جا سڪيورٽي خدشا ختم ڪن: اسحاق ڊار

افغان اختياريون پاڙيسري ملڪن جا سڪيورٽي خدشا ختم ڪن: اسحاق ڊار

انقرهه (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان هڪ پرامن، خوشحال ۽ مستحڪم افغانستان جو خواهشمند آهي، جيڪو وسيع علائقائي ڍانچي جو حصو هجي ۽ پاڻ سان گڏ سمورن پاڙيسري ملڪن سان به امن سان رهي. اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 30هين اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته بامعنيٰ اڳڀرائي لاءِ ضروري آهي ته افغان اختياريون پاڙيسري ملڪن جي جائز سڪيورٽي خدشن کي ختم ڪن.هن دهشتگرديءَ جي خطري کي منهن ڏيڻ ۽ محفوظ توڙي مستحڪم ماحول قائم ڪرڻ کي علائقائي اقتصادي سهڪار برقرار رکڻ لاءِ انتهائي ضروري قرار ڏنو.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڳالهين، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ ڊگهي مدي واري علائقائي استحڪام لاءِ پنهنجون سفارتي ڪوششون جاري رکندو.نائب وزيراعظم چيو ته خطي ۾ غيريقيني صورتحال ۽ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ ٽيڪنالاجيءَ کي نظر ۾ رکندي علائقائي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته پاڪستان اي سي او جي چارٽر ۾ ڄاڻايل اصولن، مقصدن ۽ ويزن لاءِ پرعزم آهي ۽ باني ميمبر جي حيثيت سان علائقائي سهڪار کي خاص اهميت ڏئي ٿو.اسحاق ڊار موجب خودمختياريءَ ۾ برابري، هڪٻئي جو احترام، عدم مداخلت ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل سهڪار تنظيم جا بنيادي اصول آهن.هن چيو ته ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ اولهه ايشيا جي سنگم تي واقع هجڻ سبب هي خطو منفرد جاگرافيائي اهميت رکي ٿو، جتي اهم مارڪيٽون، قدرتي وسيلن جا وڏا ذخيرا ۽ واپار جون تاريخي بنيادون موجود آهن سندس چوڻ هو ته جاگرافيائي برتريءَ کي مضبوط اقتصادي رابطن ۽ گڏيل خوشحاليءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. خطي جي معاشي ترقيءَ لاءِ قدم کڻڻ ۽ گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ ضروري آهي، جڏهن ته گڏيل سهڪار سان ترقيءَ جا نوان رستا کلي سگهن ٿا.اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان 2026ع ۽ 2027ع لاءِ اي سي او جي صدارت سنڀالڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو ۽ ان مدي کي نتيجه خيز ۽ بامقصد بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.ان کان اڳ اجلاس جي شروعات تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار مهمانن جي آجيان ڪئي، جڏهن ته مهمان وفدن جي سربراهن جي آمد کانپوءِ يادگاري گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو