برآمدات 11 ارب 37 ڪروڙ ڊالرن جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويون

برآمدات 11 ارب 37 ڪروڙ ڊالرن جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويون

اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) شماريات کاتي موجب مالي سال 2027ع جي پهرين چئن مهينن ۾ پاڪستان جون برآمدات (ايكسپورٽس) 11 ارب 37 ڪروڙ ڊالرن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن.انگن اکرن موجب گذريل سال جي ساڳئي مدعي جي مقابلي ۾ اهي انگ اکر 8.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن. مالي سال 2026ع جي پهرين چئن مهينن ۾ پاڪستان جون برآمدات 10 ارب 40 ڪروڙ ڊالر هيون، جيڪي هاڻوڪي مالي سال جي ساڳئي مدعي دوران وڌي 11 ارب 37 ڪروڙ ڊالر ٿي ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو