غيرقانوني ٽول پلازه ۽ ڪمند جا اگهه مقرر نه ٿيڻ خلاف باءِ پاس تي ڌرڻو

غيرقانوني ٽول پلازه ۽ ڪمند جا اگهه مقرر نه ٿيڻ خلاف باءِ پاس تي ڌرڻو

قاضي احمد: (ن س) قاضي احمد ۾ آل پارٽيز ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي پاران قاضي احمد باء پاس تي غير قانوني ٽول پلازا ۽ ڪمند جا اگهه مقرر نه ٿيڻ خلاف ايڊمور پمپ کان باء پاس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.ڌرڻي ۾ موجود ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ عارف نياز آرائين، مھر ڊٻائي، ايس يو پي ضلعي صدر خميسو ڀنڊ، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته غريب هارين جو ڪمند سال جو فصل هوندو آهي جنهن جو سرڪاري ريٽ مقرر ناهي ڪيو ويو جيڪو سراسر ظلم آهي هارين ۽ زميندارن جو معاشي قتل عام بند ڪري ريٽ مقرر ڪري شگر ملون هلايون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته قاضي احمد ۾ غير قانوني ٽول پلازا قائم ڪري عوام کي لٽيو ڦريو پيو وڃي جيڪو اسان کي قبول ناهي اسان جو مطالبو آهي ته فوري طور ٽول پلازا ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.هوڏانهن ڌرڻي سبب ڪراچي کان پنجاب ۽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل ٿيڻ سبب گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو