عمران خان  جو خط اين آر او جي درخواست قرار

عمران خان جو خط اين آر او جي درخواست قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف باني جي چيف جسٽس کي لکيل خط تي رد عمل ڏيندي انهي کي اين آر او جي درخواست قرار ڏئي ڇڏيو آهي.وفاقي وزير پارلياماني معاملا ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جو جيل کان چيف جسٽس کي لکيل خط حقيقتن جي ابتڙ آهي بنيادي طور تي اهو خط اين آر او جي درخواست آهي.طارق فضل چوڌري جو چوڻ هو ته ٻئي کي طعنيٰ ڏيندڙ اڄ پاڻ اين آر او جا طلبگار آهن، پي ٽي آءِ باني کي رليف صرف عدالتن کان ملي سگهي ٿو.وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني ڪنهن سياسي انتقام جي نتيجي ۾ جيل ۾ نه آهي پر اهو 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ قيد آهي انهي جي بقول اهو ڪرپشن جو هڪ کليل ۽ واضح ڪيس آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو