13 سالن ۾ ڪي پي  جو جيڪو حشر ڪيو ويو ان جو مثال نٿو ملي

13 سالن ۾ ڪي پي جو جيڪو حشر ڪيو ويو ان جو مثال نٿو ملي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ گذريل ساڍي 13 سالن جي دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومتن صوبي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي جڏهن ته موجوده وزيراعليٰ سهيل آفريدي جو ڌيان به گورننس جي بجاءِ احتجاج ۽ انتشار تي آهي.اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار اختيار ولي ۽(ن) ليگ اڳواڻ جلال خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه هڪ زماني ۾ سياحت ۽ امن جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو، سڄي دنيا مان ماڻهو هتي ايندا هئا پر گذريل ساڍن 13 سالن ۾ خيبرپختونخواهه جو جيڪو حشر ڪيو ويو انهي جي مثال نٿي ملي.هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ آءِ ٽي پارڪ جو افتتاح ڪيو آهي جتي نوجوانن کي آءِ ٽي جون مهارتون سيکارڻ، اسٽارٽس اپس ۽ نجي شعبي کي سهولتون ڏيڻ جا موقعا ميسر ايندا. هن موجب آءِ ٽي پارڪ جي قيام سان ملڪي گڏيل قومي پيداوار(جي ڊي پي) ۽ آءِ ٽي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو.عطاءُالله تارڙ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف به احتجاج ڪيو هجي ها هو انهي تي گڏجاڻيون نه ڪرائي ها انهي جي ٽاسڪ فورس نه ٺاهي ها ته هي آءِ ٽي پارڪ مڪمل نه ٿئي ها. ٻئي طرف وفاقي حڪومت جي فيول رليف اسڪيم مان هڪ ڪروڙ ماڻهو فائدو حاصل ڪري چڪا آهن.وفاقي وزير اطلاعات چيو ته ٻين صوبن جا وڏا وزير ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي حڪومت طرفان صحت، تعليم، روڊن، يونيورسٽي ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ وڏن منصوبن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن سوال اٿاريو ته وزيراعليٰ سهيل آفريدي صوبي ۾ گورننس جي لاءِ ڪيترا ڪلاڪ ڪم ڪيو آهي ۽ عوام کي ڪيترا وڏا ترقياتي منصوبا ڏنا آهن.عطاءُالله تارڙ الزام لڳايو ته خيبرپختونخواهه حڪومت دهشتگردي جي خلاف موثر قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خلاف آپريشن جي ذريعي علائقا ڪليئر ڪرايا ويا ۽ امن بحال ڪيو ويو پر بعد ۾ دهشتگردن کي ٻيهر آباد ٿيڻ جا موقعا ڏنا ويا. هن پاڪستان تحريڪ انصاف کي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان(ٽي ٽي پي) جي سهولتڪار قرار ڏيندي الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ، ٽي ٽي پي جي بي ٽيم آهي.وفاقي وزير اطلاعات چيو ته طالبان جي نظرياتي سوچ ۾ عورتن جي آزادي ۽ راندين سميت مختلف شعبن ۾ انهن جي شرڪت محدود آهي. هن سوال اٿاريو ته ڇا اهڙي سوچ پوري خيبرپختونخواهه تي مڙهڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو