عدالتي جاچ، لنجار جي معذرت، جاچ ۾ رڪاوٽ نٿا وجهڻ چاهيون

عدالتي جاچ، لنجار جي معذرت، جاچ ۾ رڪاوٽ نٿا وجهڻ چاهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)

مير رضا قتل ڪيس بابت جوڊيشل ڪميشن جي طلب ڪرڻ تي سنڌ جو گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ڪميشن آڏو پيش ٿيو ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي رويي تي معذرت ڪئي.

ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي ڇهين ٻڌڻي ٿي. ڪميشن جي سربراهه جسٽس عمر سيال سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار کي چيو ته مون کي خوشي ٿي ته اوهان ڪميشن جي سڏ تي هتي آيا آهيو.

هن چيو ته مير رضا ڪيس ۾ خاندان اندر اعتماد جي کوٽ آهي، منهنجي ۽ اوهان جي ڪوشش هوندي ته انهن جو اعتماد بحال ٿئي. ان بدران ته مان خاندان جا سوال الڳ الڳ ٻڌان، مون انهن کي موقعو ڏنو آهي ته هو پنهنجي وڪيل ذريعي پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن.

ڪميشن جي سربراهه چيو ته ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جو رويو بلڪل مناسب نه هو. هو ۽ سندس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خاندان کي سوال ڪرڻ کان روڪي رهيا هئا، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ درست عمل نه هو.

هن چيو ته اسان اوهان کي ان لاءِ زحمت ڏني آهي ته اوهان اها خاطري ڪرائي ته اوهان کي ان تي ڪو اعتراض ناهي ۽ خاندان کي سوال ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي.

سنڌ جي گهرو وزير چيو ته ”مان سنڌ حڪومت طرفان هن معاملي تي معذرت خواهه آهيان. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حڪومت جو نمائندو آهي. اسان جي هتي اچڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌ جي عوام لاءِ امن امان ۽ انصاف جي فراهمي يقيني بڻايون.“

ضياءُالحسن لنجار وڌيڪ چيو ته کيس مير رضا جي خاندان سان همدردي آهي. ”مان به هڪ پيءُ آهيان. پوليس ۽ حڪومت جو ڪم آهي ته اصل جوابدار کي سامهون آندو وڃي. ڪميشن جيڪو چوندو، اسان ۽ سنڌ حڪومت اوهان سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“

جسٽس عمر سيال ريمارڪس ڏنا ته ايڊووڪيٽ جنرل هڪ تمام قابل وڪيل آهي. مون کي اميد آهي ته هو ايڊووڪيٽ جنرل جي عهدي تي برقرار رهندو. ڪميشن جي اجازت کان پوءِ سنڌ جو گهرو وزير عدالت مان روانو ٿي ويو.

روانگي کان اڳ ڪورٽ روم ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو ته ”ڪميشن جيڪو فيصلو ڪندو، ان مطابق هلنداسين. عدالت جي آءِ ٽي (گڏيل جاچ ٽيم) جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.“

ضياءُ لنجار وڌيڪ چيو ته هڪ غلط فهمي پيدا ٿي هئي، جنهن تي هن غير مشروط معافي گهري آهي. هن چيو ته ڪميشن جي سربراهه کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته جيڪا به شيءِ گهربل هوندي، اها فراهم ڪئي ويندي. ”اسان چاهيون ٿا ته وارثن کي انصاف ملي.“

بعد ۾ مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ايندڙ ٻڌڻي تي فيروزآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او، هيڊ محرر ذيشان ۽ پوليس سرجن کي طلب ڪيو ويو آهي.

برطرف ايم ايل او ڊاڪٽر اسامه شيخ ڪميشن جو شوڪاز نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ڪميشن جي سربراهه ڊاڪٽر اسامه شيخ کي 15 سيپٽمبر صبح 11 وڳي طلب ڪري ورتو.

ميڊيڪل بورڊ جي ڊاڪٽر نسيم پڻ زوم ذريعي ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

معاملو ڇا آهي؟

ڪراچي جي نوجوان ڪاروباري شخصيت مير رضا علي 28 جولاءِ 2026ع جي رات ڪم تان گهر واپس اچڻ کان پوءِ گم ٿي ويو هو. ٻئي ڏينهن 29 جولاءِ تي سندس لاش گلستانِ جوهر مان مليو.

ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ تي سوال اٿڻ کان پوءِ ڪراچي جي پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه سيد طارق رپورٽ ۾ ڪيترين ئي خامين جي نشاندهي ڪئي. انهن ۾ گولي لڳڻ ۽ نڪرڻ جي رخ، زخمن جي تفصيل، ايڪس ري ۽ فائرنگ سان لاڳاپيل ڪجهه فارنزڪ طريقيڪار جو موجود نه هجڻ شامل هو.

وارثن جي مطالبي تي عدالت مقتول جي قبر ڪشائي ۽ ميڊيڪل بورڊ قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني. 8 آگسٽ تي لاش جي قبر ڪشائي ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اٺن رڪني ميڊيڪل بورڊ ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ مختلف نمونا حاصل ڪيا.

ٻئي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ڪيس ۾ قتل جي قلم شامل ڪئي وئي ۽ نئين جاچ ٽيم جوڙي وئي.

پوليس موجب مير رضا قتل ڪيس جي جاچ طبي رپورٽن، ڊجيٽل شاهدين ۽ ٻين دستياب مواد جي بنياد تي جاري آهي، جڏهن ته حتمي طبي نتيجن کي پڻ جاچ جو حصو بڻايو ويندو.

مير رضا جي بائنانس اڪائونٽ جا تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا جي قتل واري ڪيس ۾ هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي؛ اختيارين سندس بائنانس اڪائونٽ بابت تفصيل حاصل ڪري ورتا آهن.ذريعن موجب، مير رضا 2021 ۾ بائنانس اڪائونٽ کوليو هو ۽ ان ذريعي 89 ملين USDT کان وڌيڪ جو ڪل واپار (ٽريڊنگ واليوم) ڪيو، جڏهن ته فيوچرز ٽريڊنگ ۾ کيس 34.9 ملين USDT کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته 2024 ۽ 2026 جي عرصي دوران مير رضا کي 139,000 USDT کان وڌيڪ نقصان ٿيو؛ خاص طور تي، هن پنهنجي موت کان ڪجهه ڏينهن اڳ، 22 ۽ 23 جولاءِ 2026 تي لڳ ڀڳ 2 ملين USDT جو نقصان برداشت ڪيو.

هي به پڙهو

مير رضا قتل ڪيس جي عدالت جاچ، دوست ۽ ايس ايڇ او جا بيان قلمبند

مير رضا قتل ڪيس جي جاچ، گهرو وزير لنجار طلب

پهنجو تبصرو موڪليو