ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مير رضا علي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ڪميشن آڏو جاچ سان لاڳاپيل وڌيڪ دستاويز پيش ڪيا ويا. جن ۾ مير رضا علي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ، موبائل فون ۽ اسمارٽ واچ جون فرانزڪ رپورٽون ۽ شاهدن جي وڌيڪ بيانن جون ڪاپيون شامل هيون.
ٻڌڻي دوران ڪميشن ۽ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل وچ ۾ ان وقت اختلاف پيدا ٿيو، جڏهن مقتول جي وارثن جي وڪيل جبران ناصر پاران پوليس سرجن کان ڪيل سوالن تي صوبائي قانوني آفيسر اعتراض ڪيو.
هي به پڙهو
ڪميشن، ايڊووڪيٽ جنرل جي مداخلت کي ڪارروائي ۾ مداخلت قرار ڏنو، جڏهن ته قانوني آفيسر جو موقف هو ته هو ڪارروائي ۾ مدد فراهم ڪري رهيا آهن.
جسٽس عمر سيال، ايڊووڪيٽ جنرل کان سوال ڪيو ته کين وارثن جي وڪيل پاران ڪيل سوالن تي اعتراض ڇو آهي.
پوليس سرجن پوسٽ مارٽم جي طريقيڪار جا تفصيل ٻڌائي ڇڏيا
ڊاڪٽر سميعه سيد طارق ڪميشن کي ٻڌايو ته هوءَ 10 جون 2022ع کان ڪراچي جي پوليس سرجن آهي ۽ 1999ع کان پوسٽ مارٽم ڪري رهي آهي.
هن موجب هوءَ هينئر تائين ڪراچي ۽ ٺٽي ۾ 99 لاشن جي قبر کوٽائي ۽ لڳ ڀڳ هڪ هزار پوسٽ مارٽم ڪري چڪي آهي.
ڊاڪٽر سميعه ٻڌايو ته لاش وارثن، پوليس يا ايمبولينس ذريعي اسپتال آندا ويندا آهن ۽ هر ڪيس ۾ ميڊيڪو ليگل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن لاش اسپتال پهچڻ وقت پوليس موجود نه هجي ته پوليس کي اطلاع ڏنو ويندو آهي.
پوليس سرجن موجب پوسٽ مارٽم دوران لاش جون تصويرون وٺڻ طريقيڪار جو حصو آهي، جڏهن ته جاچ کان اڳ جسم جي حالت ۽ سڙڻ يا ڳرڻ جي ڪيفيت پڻ رڪارڊ ڪئي ويندي آهي.
هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر مٿي کان پيرن تائين جسم جو معائنو ڪندا آهن ۽ مشاهدي جي تصديق لاءِ تصويرون ورتيون وينديون آهن.
ڊاڪٽر سميعه موجب پوسٽ مارٽم دوران اهو به طئي ڪيو ويندو آهي ته زخم موت کان اڳ لڳا يا موت کان پوءِ، جڏهن ته ممڪنه جنسي زيادتي ۽ هڏن جي ڀڃ ڊاهه جو پڻ جائزو ورتو ويندو آهي.
هن موجب پوسٽ مارٽم جو هڪ مقصد موت ۽ معائني جي وچ ۾ ممڪنه وقت جو تعين ڪرڻ پڻ هوندو آهي، جڏهن ته ڪيميائي جاچ کان پوءِ حتمي رپورٽ جاري ڪئي ويندي آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڻڄاتل لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا حاصل ڪري سگهجن ٿا، جڏهن ته فنگر پرنٽس، چهري جي سڃاڻپ ۽ بايوميٽرڪ تصديق پڻ استعمال ٿي سگهي ٿي.
ڊاڪٽر سميعه چيو ته ميڊيڪو ليگل عمل سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڪٽ 2023ع تحت ٿيندو آهي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم لاڳاپيل قانوني طريقيڪار جي دفعه 174 تحت ڪيا ويندا آهن.
مير رضا جي پوسٽ مارٽم بابت سوال
ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر سميعه ٻڌايو ته هن مير رضا علي جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر اسامه کان ڪيترائي ڀيرا معلومات طلب ڪئي هئي.
هن موجب 29 جولاءِ تي شام جو 5 لڳي 46 منٽن تي ڊاڪٽر اسامه سان ان وقت ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن کيس اطلاع مليو ته گلستان جوهر مان مبينا طور 2 ڏينهن پراڻو لاش آندو ويو آهي.
ڊاڪٽر سميعه ٻڌايو ته هن فوتي جي سڃاڻپ، طبي تاريخ ۽ گولي لڳڻ جي زخمن بابت سوال ڪيا، جنهن تي ڊاڪٽر اسامه پوسٽ مارٽم رجسٽر جون تصويرون مختلف حصن ۾ موڪليون.
هن ٻڌايو ته 30 جولاءِ تي هن گولي جي جسم مان نڪرڻ واري زخم بابت معلومات طلب ڪئي ۽ ان جون تصويرون ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ پڻ گهري.
پوليس سرجن ڊاڪٽر اسامه سان ٿيل گفتگو جا اسڪرين شاٽ پڻ ڪميشن آڏو پيش ڪيا، جنهن تي ڪميشن کين رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
ڊاڪٽر سميعه ان بيان کي رد ڪري ڇڏيو ته پوسٽ مارٽم دوران ڪنهن صفائي ڪندڙ عملي جي فرد مدد ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته موقعي تي موجود شخص ليبارٽري اسسٽنٽ شعيب رشيد هو، جنهن کي ان طريقيڪار جي باقاعده تربيت حاصل هئي.
هن ٻڌايو ته ميڊيڪو ليگل آفيسرن کي تربيت ۽ پروٽوڪول فراهم ڪيا ويندا آهن، پر ڪيترائي ڊاڪٽر ان ڪم ۾ خاطرخواهه دلچسپي نٿا وٺن.
سندس موجب 42 ميڊيڪو ليگل آفيسر موجود آهن ۽ مسئلو عملي جي کوٽ نه، پر ڊاڪٽرن جي عدم دلچسپي آهي.
ڪميشن ۾ سوالن تي اختلاف
ٻڌڻي دوران مختصر وقفي کان پوءِ ڪارروائي ٻيهر شروع ٿي ته ڪميشن مير رضا علي جي وارثن کي ڪمرو ڇڏڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ ته پروجيڪٽر تي اهڙيون تصويرون ڏيکارڻيون هيون جيڪي انهن لاءِ تڪليف ڏيندڙ ٿي سگهي ٿي. مير رضا جي ڀيڻ عليشبا چيو ته خاندان ڪارروائي دوران موجود رهڻ چاهي ٿو.
ان کان پوءِ ڊاڪٽر سميعه پروجيڪٽر ذريعي ڊاڪٽر اسامه سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه سان لاڳاپيل مواد پيش ڪرڻ شروع ڪيو.
وارثن جي وڪيل جبران ناصر موقف اختيار ڪيو ته ميڊيڪو ليگل آفيسر جي ڪارڪردگي بابت سوال ڪارروائي سان لاڳاپيل آهن.
سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل انهن سوالن تي اعتراض ڪندي چيو ته اهي سوال ڪميشن کي پاڻ ڪرڻ گهرجن، وارثن جي وڪيل کي نه.
ڪميشن اعتراض رد ڪندي سوال ڪيو ته صوبائي حڪومت کي وارثن پاران سوال ڪرڻ تي اعتراض ڇو آهي.
وڌيڪ جاچ رڪارڊ ڪميشن آڏو پيش
جاچ آفيسر پڻ ڪميشن آڏو وڌيڪ دستاويز جمع ڪرايا، جن ۾ مير رضا علي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ، اسمارٽ واچ، موبائل فون ۽ ٻين شين سان لاڳاپيل فرانزڪ رپورٽون شامل هيون.
شاهدن جا ضابطه فوجداري جي دفعه 161 تحت رڪارڊ ڪيل وڌيڪ بيانن جون ڪاپيون پڻ ڪميشن آڏو جمع ڪرايون ويون.
جاچ ڪندڙن ٻڌايو ته پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي مير رضا علي جي آءِ فون کي اَن لاڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.
جاچ ٽيم موجب فرانزڪ ليبارٽري پنهنجي باضابطه رپورٽ ۾ ڊوائيس تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي بابت آگاهه ڪيو، جنهن کان پوءِ مير رضا جو فون ۽ ايپل واچ جاچ ٽيم کي واپس ڪرڻا هئا.
جاچ ڪندڙن ٻڌايو ته ايپل واچ مان ڪجهه اسڪرين شاٽ ۽ پيغام حاصل ٿيا، پر ان مواد کي ڪيس جي حوالي سان اهم قرار نه ڏنو ويو.
ٻڌڻي جو لکت وارو آرڊر جاري
مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي ٻڌڻي جو لکت وارو حڪم جاري ڪيو ويو، جنهن موجب مير رضا جو والد، ڀيڻ ۽ ڊي ايس پي سراج لاشاري جوڊيشل ڪميشن آڏو پيش ٿيا. ايس ايڇ او، هيڊ محرر ذيشان، پوليس سرجن ۽ ميڊيڪل بورڊ جو سربراهه پڻ پيش ٿيڻ لاءِ طلب ڪيا ويا هئا.
ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه ڊاڪٽر نسيم احمد کي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو، پر هو پيش نه ٿيو. ڪميشن کي آگاهه ڪيو ويو ته ميڊيڪل بورڊ جو سربراهه ڊاڪٽر نسيم احمد 30 سيپٽمبر تائين موڪلن تي آهي.
ڪميشن موجب پوليس سرجن جو بيان رڪارڊ ڪرڻ دوران سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي مداخلت افسوسناڪ آهي.
سنڌ حڪومت ئي ڪميشن قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، تنهنڪري جوڊيشل ڪميشن صوبي جي اعليٰ ترين قانوني آفيسر جي مداخلت تي حيرت جو اظهار ڪيو.
ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي مداخلت تي جوڊيشل ڪميشن جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار کي 10 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو آهي.











“مير رضا قتل، عدالتي جاچ، گهرو وزير 10 سيپٽمبر تي طلب” هڪ تبصرو