ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه سيد جوڊيشل ڪميشن آڏو بيان ڏيندي چيو آهي ته 25 سالن جي نوجوان واپاري مير رضا جي چهري ۽ کاٻي هٿ تي ڪيميائي مادو لڳڻ سبب سڙڻ جا نشان موجود هئا. مون کي پيغام پهچايو ويو ته جيڪڏهن مان ڪيس کي خودڪشي قرار ڏيان ته مون تي جاچ ۾ نرمي ڪئي ويندي. هن چيو ته مير رضا جي نڪ جي هڏي ۽ پاسيري ڀڳل هئي، مٿي جي پويان به ڌڪ هو، جيڪي سندس موت کان اڳ جا زخم هئا.
ڪراچي ۾ جوڊيشل ڪميشن جو ستون اجلاس اڪيلي هاءِ ڪورٽ جي جج، جسٽس عمر سيال تي مشتمل ڪميشن جو ٿيو، جنهن ۾ پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.
مير رضا جي دوست ۽ ايس ايڇ او جا بيان رڪارڊ
مقتول جي والدين جڊيشل ڪميشن بدران مختلف ايجنسين جي نمائندن تي مشتمل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙڻ جو مطالبو ڪيو هو، جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ رد ڪيو ۽ سنڌ ڪابينا جي فيصلي موجب عدالتي ڪميشن جوڙي هئي.
سماعت جي شروعات تي جوڊيشل ڪميشن جي سربراهه پڇيو ته مير رضا جي والده دير سان ڇو ايندي آهي؟ جنهن تي مير رضا جي ڀيڻ جواب ڏنو ته والده بينڪ ۾ ملازمت ڪندي آهي ۽ موڪل وٺي ڪميشن ۾ ايندي آهي.
ڪميشن آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڊاڪٽر سميه ٻڌايو ته مون ميڊيڪل بورڊ جوڙيو، جنهن ۾ ماهر شامل هئا. ڊاڪٽر نسيم کي 30 سالن جو تجربو آهي.
جوڊيشل ڪميشن جي سربراهه پڇيو ته ڇا اوهان کي سيشن ڪورٽ طرفان هدايت ڏني وئي هئي؟ ڊاڪٽر سميه جواب ڏنو ته ها، اسان کي حڪم جاري ڪيا ويا هئا. بورڊ جا ميمبر ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان سان ملاقات لاءِ به موجود هئا.
پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه وڌيڪ چيو ته اسان ليبارٽري مان ڪجهه تجزيا ڪرايا. ليبارٽري ٻڌايو ته انجڪشن ذريعي ڪا دوا مير رضا جي نبض ۾ داخل ڪئي وئي.
ان موقعي تي ڊاڪٽر سميه، مير رضا جي وارثن کان پڇيو ته ڇا مير رضا ڪا ڏندن جي سرجري ڪرائي هئي؟ جنهن تي خاندان وارن چيو ته مير رضا جي ڪا به ڏندن جي سرجري نه ٿي هئي.
واضح رهي ته مير رضا علي مير جي جولاءِ 2026ع جي آخر ۾ مبينا قتل جو ڪيس سڄي ملڪ ۾ ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. مير رضا 28 جولاءِ تي ڪراچي مان گم ٿيو هو ۽ ٻئي ڏينهن سندس لاش گلستانِ جوهر واري علائقي مان مليو هو. پوليس شروعاتي طور ان واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي رهي هئي، جڏهن ته وارثن جو موقف هو ته کيس اغوا ڪرڻ کان پوءِ تشدد ڪري قتل ڪيو ويو.
”مون کي سيڪيورٽي نه گهرجي، ٻيهر به اهڙو ڪيس مليو ته ڪم ڪنديس“
ڊاڪٽر سميه ڪميشن آڏو چيو ته مير رضا جي دل مان مختلف نمونا حاصل ٿيا آهن. انهن نمونن مان محسوس ٿيو ته مير رضا ڪا دوا استعمال ڪئي هئي يا کيس دوا ڏني وئي هئي.
ان تي ڪميشن جي سربراهه پوليس سرجن کان پڇيو ته ڇا اوهان کي لڳي ٿو ته اها خودڪشي هئي؟
ڊاڪٽر سميه چيو ته ٽرمز آف ريفرنس تحت 14 سوال اٿاريا ويا هئا ۽ انهن جي بنياد تي ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. هن چيو ته جڏهن مان اهو ڪم ڪري رهي هيس ته ان دوران هڪ موٽرسائيڪل سوار منهنجو پيڇو ڪيو ۽ مون کي ڌمڪيون ڏنيون ويون ته معاملي کان پوئتي هٽي وڃان.
هن چيو، ”مان چوان ٿي ته جيڪڏهن ٻيهر ڪنهن اهڙي ڪيس تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته مان ڪم ڪنديس. مون ايف آءِ اي جي ماتحت قومي سائبر ڏوهن جي جاچ واري اداري ۾شڪايت به داخل ڪرائي آهي.“
ڊاڪٽر سميه وڌيڪ چيو ته سماجي رابطن واري ميڊيا تي منهنجي گهر ۽ مائٽن جي ايڊريس شيئر ٿي رهي آهي. مون کي پيغام پهچايو ويو ته جيڪڏهن مان ڪيس کي خودڪشي ظاهر ڪريان ته مون تي جاچ ۾ نرمي ڪئي ويندي.
ڪميشن جي سربراهه پوليس سرجن کان پڇيو ته ڪهڙي سماجي رابطن واري ميڊيا جي کاتي تي اوهان جا پتا شيئر ڪيا پيا وڃن؟ اسان اوهان کي رينجرز جي سيڪيورٽي فراهم ڪري ڇڏيون ٿا.
ڊاڪٽر سميه جواب ڏنو ته مون کي سيڪيورٽي نه گهرجي.
ڪميشن جي سربراهه وڏي وزير جي فوڪل پرسن کي چيو ته اوهان ڊاڪٽر سميه کي ملندڙ ڌمڪين بابت آءِ جي سنڌ، گهرو وزير ۽ وڏي وزير کي آگاهه ڪيو. ان کان علاوه ڪميشن جي سربراهه ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته ڊاڪٽر سميه جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي ۽ اها ڳالهه اعليٰ اختيارين تائين پهچائي وڃي.
ڊاڪٽر سميه چيو ته جيڪڏهن منهنجي نوڪري برقرار رهي ته مان پوسٽ مارٽم واري هنڌ جي نگراني ڪندڙ سي سي ٽي وي بابت ڪم ڪنديس.
هن چيو ته مون ڊاڪٽر اسامه کي ڦاسائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ نه ئي اهڙو ڪجهه ڪيو. ڊاڪٽر اسامه کان غلطيون ضرور ٿيون آهن، پر هن رپورٽن ۾ ڪجهه سٺا نقطا به لکيا آهن. ڊاڪٽر اسامه مير رضا جي دل مان نمونو ورتو هو. ڪراچي يونيورسٽي جي مرڪز ٻڌايو ته شرٽ تي هائيڊرو ڪلورڪ ايسڊ موجود هو.
ڪميشن جي سربراهه پڇيو ته ڇا اوهان سمورن ڪيسن ۾ اهڙي معلومات گڏ ڪنديون آهيو؟ ڊاڪٽر سميه جواب ڏنو ته ها، مان هر ڪيس ۾ اهڙي معلومات گڏ ڪندي آهيان.
ڊاڪٽر سميه ڪميشن کي ٻڌايو ته نمونا دير سان موڪلڻ سبب نتيجا متاثر ٿي سگهن ٿا.
ڪميشن جي سربراهه پڇيو ته 3 آگسٽ تي اوهان خط لکي قبر ڪشائي جي سفارش ڪئي هئي؟
ڊاڪٽر سميه چيو ته 2 آگسٽ تي ايس ايس پي ايسٽ سان ڳالهه ٻولهه دوران خدشن جو اظهار ڪيو هو، 3 آگسٽ تي قبر ڪشائي لاءِ خط لکيو ۽ 5 آگسٽ تي قبر ڪشائي ۽ ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ چيو.
جسٽس عمر سيال پڇيو ته ميڊيڪل بورڊ ڪيئن جوڙيو ويندو آهي؟
ڊاڪٽر سميه ٻڌايو ته عدالت صحت کاتي جي سيڪريٽري يا ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز کي هدايت جاري ڪندي آهي. عدالت سڌي ريت پوليس سرجن کي به هدايت ڏئي سگهي ٿي. عدالتي حڪم ملڻ کان پوءِ صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏنو ويو هو. هن ڪميشن کي ٻڌايو ته سنڌ ميڊيڪو ليگل ايڪٽ 2023 جو قانون موجود آهي پر رولز اڃا نوٽيفاءِ ناهن ٿيا.
ڊاڪٽر سميه ٻڌايو ته قبر ڪشائي وقت جاچ آفيسر ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ موجود هئا. اسان عام طور تي اهڙي معاملي ۾ خاندان کي اتي اچڻ جي اجازت ناهيون ڏيندا.
ڪميشن جي سربراهه پڇيو ته اوهان ماڻهن جا نمونا وٺڻ جو طريقو ڪهڙو آهي؟
پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه چيو ته مان نمونا وٺڻ جو طريقو وڊيو ذريعي ڏيکارڻ چاهيان ٿي. درخواست آهي ته مير رضا جا وارث ٻاهر هليا وڃن. هن ٻڌايو ته اسان 236 تصويرون ورتيون هيون ۽ گولي جو نشان به ڏٺو. گولي دل جي ساڄي پاسي کان نڪتي هئي.
هن چيو ته جيڪي ڳالهيون مان هتي ڪري رهي آهيان، اهي پنهنجي رپورٽ ۾ به لکي چڪي آهيان. رپورٽ ۾ سامهون ايندڙ ثبوتن بابت ڊي آءِ جي ڪرائم انويسٽيگيشن عامر فاروقي کي پڻ آگاهه ڪيو هو.
”پوسٽ مارٽم بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ميڊيا تي رپورٽ نه ٿيون“
ڊاڪٽر سميه پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته پهرين پوسٽ مارٽم دوران ڳچي، چيلهه ۽ جسم جي ڪيترن ئي حصن جو جائزو نه ورتو ويو هو. اسان پنهنجي رپورٽ ۾ ڳچي، چيلهه ۽ جسم جي ڪيترن ئي حصن جو جائزو ورتو. پوسٽ مارٽم بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ميڊيا تي رپورٽ نه ٿيون آهن.
پوليس سرجن وڌيڪ ٻڌايو ته مون جاچ ٽيم کي چيو ته معاملي جي جاچ اڳتي وڌائي وڃي. اسان قبر ڪشائي بعد ٽرمز آف ريفرنس ۾ اٿاريل 14 ئي سوالن جا جواب ڳوليا ۽ رپورٽ ۾ لکيا. عدالت ۾ پهرين پوسٽ مارٽم جون تصويرون به ڏيکاريون ويون، جن ۾ مير رضا جي چهري تي ڪيميائي مادو لڳڻ سبب سڙڻ جا نشان موجود هئا.
هن ٻڌايو ته مير رضا جي چيلهه مان گولي جسم اندر داخل ٿي سيني ڏانهن وئي هئي.
ڊاڪٽر سميه ڪميشن کي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم وقت مير رضا جو رت ڊاڪٽر اسامه جي ڪپڙن تي لڳو هو. مير رضا جي کاٻي هٿ تي ڪيميائي مادو لڳڻ سبب سڙڻ جا نشان هئا. ڪيميائي مادو لڳڻ سان ٿيندڙ تبديلين بابت رپورٽ پڻ موجود آهي.
هن چيو ته واقعي واري هنڌ جون تصويرون ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مير رضا جي کاٻي هٿ جي مُٺ بند هئي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم وقت سندس هٿ کليل هئي.
ان تي ڪميشن جي سربراهه چيو ته ممڪن آهي ته لاش منتقل ڪرڻ دوران ايڌي جي رضاڪارن سبب اهڙي تبديلي آئي هجي.
پوليس سرجن جواب ڏنو ته مان ان بابت ڪجهه نٿي چئي سگهان.
ايس ايڇ او فيروز آباد کان ڪميشن جي سربراهه جا سخت سوال
فيروز آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو ڪميشن آڏو بيان
ڪيس جي جاچ دوران ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ سي سي ٽي وي رڪارڊ بابت ڪميشن طرفان ايس ايڇ او عديل افضل کان سخت سوال پڇيا ويا.
ايس ايڇ او عديل افضل ڪميشن کي ٻڌايو ته سي آر پي سي جي سيڪشن 156 تحت ايس ايڇ او جاچ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته هن 9 مان 6 هنڌن تان سي سي ٽي وي رڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
عديل افضل ٻڌايو ته مقتول جي والد ساڻس مدد لاءِ رابطو ڪيو هو، جنهن سبب هو جاچ ۾ مدد ڪري رهيو هو.
ان موقعي تي شاهد احمد جي وڪيل سوال ڪيو ته ڇا احمد جي موجودگي ۾ 100 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون وڊيوز گڏ ڪيون ويون هيون؟ ايس ايڇ او جواب ڏنو ته اها غلط بياني آهي.
سماعت دوران ڪميشن آڏو سي سي ٽي وي ڪيمرائن لڳل مختلف هنڌن جون تصويرون پڻ پيش ڪيون ويون. ڪميشن جي سربراهه سوال ڪيو ته ڪيترن ئي هنڌن تي لڳل ڪيمرائن جون وڊيوز ڇو حاصل نه ڪيون ويون؟
ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته 52 هنڌن جون وڊيوز حاصل نه ڪيون ويون، جڏهن ته رڳو 6 هنڌن جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو.
ڪميشن جي سربراهه ايس ايڇ او کان سوال ڪيو ته اوهان ثبوت گڏ ڪرڻ جو ميمو ڇو نه ٺاهيو ۽ ثبوت ڇو غائب ڪيا؟ ان موقعي تي ڪميشن جي سربراهه اهو به سوال ڪيو ته ڇو نه اوهان کي هن ڪيس ۾ جوابدار بڻائي چالان ۾ شامل ڪيو وڃي؟
ڪميشن جي سربراهه ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جا واضح حڪم موجود آهن ته ثبوتن بابت ڪهڙو طريقيڪار اختيار ڪرڻو آهي.
ڪميشن ايس ايڇ او کان پڇيو ته اوهان هن ڪيس جي جاچ پاڻ ڇو ڪري رهيا هئا ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ائين ڪيو؟
عديل افضل جواب ڏنو ته ارشد جاويد شبير لغاري کي جاچ لاءِ مقرر ڪيو هو، کيس نه.
ڪميشن جي سربراهه روزنامچي بابت پڻ سوال ڪيو ته اوهان روزنامچي ۾ ڪنهن جي به ڊائري درج نٿا ڪريو، ڇا اهو درست آهي؟
ايس ايڇ او جواب ڏنو ته ها، ائين ئي آهي.
ايس ايڇ او ٻڌايو ته هو هڪ ٻئي آفيسر سان گڏ مقتول جي خاندان سان تعزيت لاءِ ويو هو، جتي هن خاندان کي ٻه وڊيوز ڏيکاريون هيون.
ڪميشن جي سربراهه پڇيو ته اهي وڊيوز اوهان کي ڪنهن ڏنيون هيون؟ عديل افضل جواب ڏنو ته مقتول جي دوست احمد کيس وڊيو ڏني هئي. سندس موجب 30 جولاءِ تي احمد ٿاڻي آيو ۽ وڊيو ڏني.
فيروز آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪميشن کي ٻڌايو ته هن خاندان کي اهو نه چيو هو ته واقعو خودڪشي آهي، جڏهن ته ان موقعي تي خاندان وارن سندس بيان جي ترديد ڪئي.
عديل افضل وڌيڪ ٻڌايو ته هن ميمو تيار ڪري سمارٽ واچ قبضي ۾ ورتي هئي، تنهن هوندي به ڪميشن جي سربراهه ان ميمو کي غلط قرار ڏنو.
ڪميشن جي سربراهه چيو ته ميمو ۾ درج ماڻهن کي پڻ طلب ڪري سندن بيان ورتا ويندا. جج پڇيو ته ڇا اوهان مقتول جو لاش ڏٺو هو؟
ايس ايڇ او جواب ڏنو ته نه، مون ڪنهن به موقعي تي لاش نه ڏٺو هو.
ايس ايڇ او موجب، سي ٽي ڊي کيس چيو هو ته سمارٽ واچ کي ڊي ڪوڊ ڪرڻو آهي ۽ ان جو پاسورڊ فراهم ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ هن مقتول جي ڀيڻ کان تفصيل طلب ڪيا هئا.
ڪميشن پڇيو ته ڇا اوهان سي ٽي ڊي جو ڪو خط حاصل ڪيو هو؟
ايس ايڇ او جواب ڏنو ته نه، ڪو خط حاصل نه ڪيو هو.
سماعت دوران ڪميشن گيسٽ هائوس جي ڊي وي آر بابت پڻ سوال ڪيو ته گيسٽ هائوس جي، ڊي وي آر ڪيڏانهن وئي؟
ڪميشن طرفان اهو سوال پڻ ڪيو ويو ته ڇا اوهان مقتول جي دوستن کي ڌمڪايو ۽ کين خاندان سان ملڻ کان منع ڪيو هو؟
ايس ايڇ او عديل افضل ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو ته نه، مون کين منع نه ڪيو هو.
ايس ايڇ او جو بيان مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪميشن جي سربراهه جسٽس عمر سيال سماعت ملتوي ڪري ڇڏي.










