مير رضا قتل ڪيس ۾ بدنام ڪندڙن خلاف ڪاروائي لاءِ درخواست داخل

مير رضا قتل ڪيس ۾ بدنام ڪندڙن خلاف ڪاروائي لاءِ درخواست داخل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبائي حڪومت نوجوان واپاري مير رضا علي جي قتل بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج کان عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو نئين پوسٽ مارٽم ۾ خودڪشي جو امڪان رد ڪرڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ ڪيو ويو، جنهن ۾ معلوم ٿيو ته کيس پٺيءَ ۾ گولي لڳي هئي ۽ سندس جسم تي تشدد جا نشان پڻ موجود هئا.
ان حوالي سان اعلان سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار ان وقت ڪيو، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن فريال ٽالپر وڏي وزير کي سفارش ڪئي ته ڪيس جي شفاف، غيرجانبدار ۽ جامع جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي. اهڙو فيصلو وڏي وزير جي صدارت ۾ ٿيل هڪ اجلاس بعد ڪيو ويو.
آءِ بي اي مان تعليم حاصل ڪندڙ ۽ ريسٽورنٽ Wafflix جي مالڪ مير رضا 28 جولاءِ تي گم ٿي ويو هو، جڏهن ته هڪ ڏينهن کان پوءِ سندس لاش گلستانِ جوهر ۾ شاهي قلعي گرائونڊ ڀرسان جهنگ مان مليو، جنهن کي گولي لڳل هئي. 27 ۽ 28 جولاءِ جي وچ واري رات ساڍي يارهين وڳي مڱينديءَ سان ڳالهايو ۽ پوليس موجب 28 جولاءِ تي فجر جو 4 لڳي گهر آيو، جنهن بعد والده کي اهو چئي نڪري ويو ته هو ڪجهه دير ۾ واپس اچي ٿو. جنهن بعد هو ٽيڪسي ڪري گلستان جوهو پهتو. ان دوران سندس مڱيندي فون ڪندي رهي ۽ ميسيج ڪيا پر کيس جواب نه مليو.
جڏهن جاچ ڪندڙن مبينا طور خودڪشي جي امڪان تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ۽ ناقص پوسٽ مارٽم جون رپورٽون سامهون آيون، تڏهن رضا جي خاندان عدالتي مئجسٽريٽ آڏو درخواست داخل ڪئي ته لاش ڪڍي ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي.
مئجسٽريٽ لاش قبر مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو، پر صوبائي حڪومت ميڊيڪل بورڊ جي جوڙجڪ ٽي ڀيرا تبديل ڪئي، جنهن سبب اهي افواهون زور وٺي ويون ته شايد ڪيس کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بعد ۾ حڪومت ساڳيو اصل ميڊيڪل بورڊ بحال ڪيو، جنهن لاش قبر مان ڪڍي ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪيو. ان ۾ معلوم ٿيو ته مير رضا کي سنگين تشدد بعد قتل ڪيو ويو هو ۽ کيس پٺيءَ ۾ گولي لڳي هئي.
ٻيهر پوسٽ مارٽم بعد اهو ثابت ٿيو ته مير رضا جي پاسيري ڀڳل هئي ۽ منهن تي تشدد جا نشان هئا ۽ سندس ڪپڙن تي تيزاب هارڻ جا به ثبوت مليا آهن. پهرين پوسٽ مارٽم ۾ تشدد جو ذڪر نه هو ۽ پوليس خودڪشي جو تاثر ڏيندي رهي، پوليس سرجن سميعه سيد پهرين پوسٽ مارٽم تي سنگين سوال اٿاريا هئا ۽ بعد ۾ ايڪس تي پوسٽ ۾ هن چيو ته 4 سالن جي هن عهدي تي رهڻ دوران هن تي ايترو دٻاءُ ناهي آيو جيترو هن ڪيس ۾ آيو آهي ۽ هوءَ هاڻي ٿڪجي پئي آهي.
آچر ڏينهن 9 آگسٽ تي عوام کي اهو تاثر ڏيڻ لاءِ ته ڪيس ۾ لڪائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فريال ٽالپر عدالتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. هن چيو ته ڪميشن کي واقعي جي سمورن پاسن جو جائزو وٺي حقيقتون سامهون آڻڻ گهرجن.
هن وڌيڪ چيو ته ڪميشن جي نتيجن جي روشني ۾ ذميوار قرار ڏنل ماڻهن خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. فريال ٽالپر زور ڏنو ته مقتول جي خاندان کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام کي ڪيس سان لاڳاپيل سمورين حقيقتن کان شفاف نموني آگاهه ڪيو وڃي.
ٽالپر جي بيان کان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ گهرو وزير لنجار ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب مقتول رضا جي گهر پهتا، سندس والد مير حسين علي سان ملاقات ڪئي ۽ خاندان کي يقين ڏياريو ته کين مڪمل انصاف فراهم ڪيو ويندو.
ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي لنجار چيو ته مير رضا جي قتل واري ڪيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج جي نگراني هيٺ عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن چيو ته شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ کي يقيني بڻايو ويندو.
ان موقعي تي ميئر مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چار ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن دوران واقعي ۽ جاچ جي سڀني پاسن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
نئين جاچ ٽيم قائم
سنڌ پوليس جي سربراهه اڳوڻي جاچ ٽيم کي برطرف ڪري ڇڏيو، جيڪا اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جي ايس ايس پي ڊاڪٽر سميع الله سومرو جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهي هئي. ان جي جاءِ تي ڊي آءِ جي امير فاروقي جي سربراهي ۾ پنج رڪني نئين ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ايس ايس پي سيد محمد علي رضا، ايس پي قيس خان، ايس پي انعم تجمل ۽ انسپيڪٽر چوڌري غضنفر شامل آهن.
هڪ نوٽيفڪيشن موجب، “ٽيم ڪيس جي سمورن لاڳاپيل پاسن کان جامع ۽ غيرجانبدار جاچ ڪندي. ٽيم ڪنهن به نئين يا اضافي ثبوت جي نشاندهي، گڏ ڪرڻ، حفاظت ۽ جاچ ڪندي، جڏهن ته جاچ دوران گڏ ڪيل سمورن جسماني، ٽيڪنيڪل، حالتن تي ٻڌل ۽ فرانزڪ ثبوتن جو تفصيلي جائزو ۽ تجزيو ڪندي.”
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٽيم ڪيس کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي ۽ مقرر مدي اندر لاڳاپيل عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي. جاچ ۾ مدد لاءِ ٽيم ڪنهن به آفيسر کي شامل ڪري سگهي ٿي. جاچ ۾ اڳڀرائي بابت روزاني بنيادن تي رپورٽ پيش ڪئي ويندي.
ڊي ايس پي ۽ جوهر ٿاڻي جو ايس ايڇ او معطل
ڪراچي پوليس جي سربراهه آزاد خان شاهه فيصل جي ڊي ايس پي محمد ارشد آفريدي ۽ گلستانِ جوهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪامران قريشي کي فوري طور معطل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس جي ترجمان موجب، ٻنهي آفيسرن کي مير رضا جو لاش ملڻ کان پوءِ ڏوهه واري هنڌ کي محفوظ نه رکڻ ۽ ڪرائيم سين جي مناسب جاچ نه ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو آهي.
شرجيل طرفان ”بدنيتي تي ٻڌل سوشل ميڊيا مهم“ خلاف اين سي سي آءِ اي سان رابطو
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي وڪيل ذريعي نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) وٽ نامعلوم ماڻهن خلاف درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ مٿس ۽ سندس پٽ خلاف “هراسان ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪوڙو ۽ بدنيتي تي ٻڌل مواد ٺاهڻ” جو الزام لڳايو ويو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه سوشل ميڊيا اڪائونٽن ميمڻ ۽ سندس پٽ راول شرجيل خلاف پوسٽون، وڊيوز ۽ بيان نشر ڪرڻ شروع ڪيا، جن ۾ اهڙا “الزام لڳايا ويا جيڪي ڪوڙا، بي بنياد، من گهڙت ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن ۽ سندن شهرت، عزت ۽ سماجي حيثيت کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪيا ويا آهن.”
ميمڻ چيو ته انهن مان ڪنهن به الزام جو، جنهن ۾ اهو به شامل آهي ته گلستانِ جوهر ۾ اهو گيسٽ هائوس سندس ملڪيت هو جتي مير رضا کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو، ۽ سندس پٽ واقعي کان فوري پوءِ لنڊن هليو ويو ۽ ان کان پوءِ باڊي گارڊ سان گڏ گهمندو رهيو، ڪو به حقيقي يا ثبوت تي ٻڌل بنياد ناهي.
هن چيو ته اهي سڀ الزام ڪوڙا، بي بنياد ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن ۽ صرف “خارجي سياسي مقصدن لاءِ کيس ۽ سندس پٽ کي بدنام ڪرڻ” لاءِ لڳايا ويا آهن. شرجيل ميمڻ جي وڪيل اين سي سي آءِ اي کان مطالبو ڪيو ته ايف آءِ آر داخل ڪري ۽ ذميوار ماڻهن خلاف اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام واري ايڪٽ 2016ع (PECA) ۽ ٻين لاڳو ٿيندڙ قانونن تحت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
ياد رهي ته مقتول مير رضا علي جي هلندڙ مهيني ۾ شادي رٿيل هئي. پوليس پاران 5 رڪني ٽيم جوڙڻ جي اعلان بعد عدالتي ڪميشن جي جاچ جي اعلان بعد اهو واضح ناهي ته پوليس جي نئين جاچ ٽيم ڪم جاري رکندي يا عدالتي جاچ ڪميشن جو انتظار ڪندي. مقتول جي والدين عدالتي جاچ ڪميشن کي قبول ڪيو آهي يا نه، اهو به واضح ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو