مولانا کي چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ 1971ع ياد اچي ويو: طلال چوڌري

مولانا کي چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ 1971ع ياد اچي ويو: طلال چوڌري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير طلال چوڌري جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪئي آهي.جڙانواله ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي طلال چوڌري زور ڏنو ته خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جو لاڳو ڪوبه اهڙو سياسي قدم نه هو جنهن جو مقصد پي ٽي آءِ جي حڪومت کي هٽائي صوبي ۾ مسلم ليگ(ن) جي موجودگي کي مضبوط بنائڻ هجي. هن چيو ته اهو هڪ انتظامي قدم آهي، انهي کي صرف هڪ نڪاتي ايجنڊا، دهشتگردي خلاف جنگ جي تحت جوڙيو ويو.طلال چوڌري چيو ته مون کي افسوس آهي، اسان کي اميد به نه هئي ته مولانا فضل الرحمان صوبي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت جي نه هجڻ جي صورت ۾ پنهنجو حصو گهرندو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جو لاڳو هڪ انتهائي ذميوارانه فيصلو هو جيڪو ٻين سمورن متبادل رستن تي غور ڪرڻ کان پوءِ ڪيو ويو. وفاقي حڪومت جو خيبرپختونخواهه ۾ ڪوبه سياسي انتظام قائم ڪرڻ جو ارادو نه آهي.هن چيو ته مون کي سمجهه ۾ نه پئي اچي ته مولانا فضل الرحمان ڇو چوي ٿو ته انهي کي چونڊن ۾ شڪست مڃڻ تي مجبور ڪيو ويو، فضل الرحمان جي پارٽي کي خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ ۽ بلوچستان ۾ محمود خان اچڪزئي جي پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي شڪست ڏني هئي.طلال چوڌري چيو ته جمعيت علماءِ اسلام(ف) انهي صورت ۾ احترام جي مستحق آهي. جڏهن اها پاڪستان جي مفاد ۾ گڏ بيٺل هجي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان طرفان پنهنجي تازن بيانن ۾ 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي پاڪستان کان ڌار ٿيڻ جو ذڪر ڪرڻ تي به تنقيد ڪئي.طلال چوڌري چيو ته اوهان 2024 جي چونڊن ۾ شڪست کان پوءِ 1971ع جو ذڪر ڪري رهيا آهيو، خيبرپختونخواهه جو اهو انتظام حصص جي ورهاست، اتحاد يا حڪومتون ٺاهڻ يا سياست ڪرڻ جي لاءِ نه آهي.هن وضاحت ڪئي ته ڪي پي ايڊوائزري ڪونسل جي ميمبرن مان صرف هڪ ميمبر جو تعلق سياسي پسمنظر سان آهي. ڇو ته اهو شهيدن جي خاندانن جي نمائندگي ڪندو آهي.طلال چوڌري هڪ دفعو ٻيهر آڇ ڪئي ته سموريون لاڳاپيل ڌريون(اسٽيڪ هولڊرز) سان گڏجي نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪيو وڃي هن چيو ته سياست صرف اتي ممڪن ٿي سگهي ٿي جتي امن هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو