اسلام آباد(بيورو رپورٽ)رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪوانٽم ويلي پاڪستان جي لانچنگ سان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا.
ڪوانٽم ويلي پاڪستان جي لانچنگ تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال ۽ عطا الله تارڙ سميت ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب دوران مختلف مفاهمتي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.
وفاقي وزير احسن اقبال تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪوانٽم ويلي پاڪستان کي عالمي ٽيڪنالاجي نظام سان ڳنڍڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندي. ڪوانٽم ويلي پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪندي، جڏهن ته نون ڪاروبارن ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪاروبارن جي واڌ ويجهه لاءِ پڻ راهه هموار ٿيندي.
هن چيو ته ڪوانٽم ويلي پاڪستان جي لانچنگ هڪ فخر جو لمحو آهي ۽ نوجوانن کي ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي آهي.
احسن اقبال چيو ته قومي ترقي جي سفر کي 21هين صديءَ جي گهرجن سان ڳنڍڻو پوندو، جڏهن ته ڪوانٽم ويلي پاڪستان جي لانچنگ هڪ نئين رخ ڏانهن سفر جي شروعات آهي.
وفاقي وزير ”معرڪه حق“ جو ذڪر ڪندي چيو ته ”معرڪه حق“ ۾ پاڪستان کي ڪاميابي حاصل ٿي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خطي ۾ جنگبندي لاءِ سفارتي ڪوششون ڪيون، جنهن کان پوءِ دنيا پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ڀيٽا پيش ڪري رهي آهي.
هن چيو ته هن وقت اسلام آباد سڄي دنيا جي نظرن جو مرڪز بڻيل آهي، جڏهن ته ”معرڪه حق“ ۾ ڪاميابي سان پاڪستان کي دنيا ۾ نئين سڃاڻپ ملي آهي.
احسن اقبال دعويٰ ڪئي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ لاءِ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو، ۽ الله تعاليٰ گذريل ٻن سالن دوران پاڪستان کي ڀرپور ڪاميابين سان نوازيو آهي.










