ڪي پي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو، ڪابينا اجلاس جاري

ڪي پي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو، ڪابينا اجلاس جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ان جي منظوري لاءِ سڀاڻي وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي منظوري لاءِ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جا اجلاس به طلب ڪيا ويا آهن. آئين جي آرٽيڪل 232 موجب، جنگ يا اندروني بدامنيءَ جي صورتحال ۾ صدر ڪنهن صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو. اهڙي اعلان کي 10 ڏينهن اندر پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي منظوري لاءِ پيش ڪرڻ لازمي آهي. ايمرجنسي دوران پارليامينٽ کي ڪنهن صوبي يا ان جي ڪنهن حصي بابت قانون سازي ڪرڻ جو اختيار هوندو. آرٽيڪل 232 تحت وفاقي حڪومت جا انتظامي اختيار وڌي ويندا، جنهن تحت اها صوبائي حڪومت کي انتظامي اختيارن جي استعمال بابت هدايتون ڏئي سگهندي. وفاقي حڪومت حڪم ذريعي صوبائي حڪومت جا سمورا يا ڪجهه اختيار پاڻ سنڀالي سگهي ٿي يا اهي اختيار گورنر حوالي ڪرڻ جي هدايت ڏئي سگهي ٿي. وفاق کي صوبي جي ڪجهه ادارن يا اختيارين بابت آئيني شقن کي معطل ڪرڻ جو اختيار به حاصل هوندو. آئين موجب، آرٽيڪل 232 تحت وفاقي حڪومت هاءِ ڪورٽ جا اختيار پاڻ سنڀالي نٿي سگهي. صوبائي اسيمبليءَ جا قانون سازيءَ وارا اختيار به مڪمل طور ختم نٿا ٿين، پر جيڪڏهن صوبائي قانون ۽ پارليامينٽ جي قانون ۾ ٽڪراءُ ٿئي ته پارليامينٽ جو قانون لاڳو ٿيندو ۽ ان سان ٽڪراءَ ۾ آيل صوبائي قانون غير اثرائتا ٿي ويندا.ٻئي پاسي، آئين جو آرٽيڪل 234 صوبي ۾ آئيني نظام جي ناڪاميءَ جي صورت ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ سان لاڳاپيل آهي. ان تحت گورنر صدر کي رپورٽ موڪليندو ۽ جيڪڏهن پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان الڳ الڳ ٺهراءَ منظور ٿين ته صدر گورنر راڄ لاڳو ڪري سگهي ٿو. آرٽيڪل 234 تحت صدر صوبائي حڪومت جا سمورا يا ڪجهه اختيار پاڻ سنڀالي سگهي ٿو يا گورنر کي ڏئي سگهي ٿو، پر هاءِ ڪورٽ جا اختيار پاڻ سنڀالڻ يا گورنر حوالي ڪرڻ جو اختيار حاصل نه هوندو. هن آرٽيڪل تحت هر ٻن مهينن کانپوءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظوري وٺڻ لازمي آهي، جڏهن ته گورنر راڄ مجموعي طور ڇهن مهينن کان وڌيڪ لاڳو نٿو رهي سگهي.
صدر ۽ وزيراعظم جي ملاقات
ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ملاقات ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار، سياسي معاملن بابت وزيراعظم جو صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، وفاقي وزير قانون سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وفاقي وزير سينيٽر احد چيمه پڻ موجود هئا. ملاقات دوران سينيٽر شيري رحمان، سيد نويد قمر، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم صدر جي معاونت ڪئي. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اڱاري 13 آڪٽوبر تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ڌار ڌار اجلاس سڏايا ويندا. ان کان اڳ ذريعن ٻڌايو هو ته ايوان صدر ۾ خيبرپختونخوا جي صورتحال بابت ٿيل اجلاس دوران صوبي ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي بابت گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي طرفان موڪليل رپورٽ جو جائزو ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو