ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمٰن جي اپيل تي پيٽروليم شين تي لاڳو حڪومتي ليوي، ڀتا ٽيڪس خلاف 03 سيپٽمبر تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ ڀرپور شٽر ڊائون هڙتال ڪئي ويندي. هڙتال کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ واپاري تنظيمن، دڪاندارن، ٽرانسپورٽرن، مزدورن، آبادگارن، شاگردن ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن سان رابطا ڪيا ويندا.حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ بدران روزانو نت نوان ٽيڪس ۽ ڀتا ليوي ذريعي سندن کيسن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن. پيٽروليم شين تي ڳري ليوي سبب مهانگائي ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر غريب ۽ وچولي طبقي تي پئجي رهيو آهي. حڪومت کي عوام تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران پنهنجي غير ضروري خرچن، شاهاڻي مراعتن ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ گهرجي.اهڙن خيالن جو اظهار هن قباءَ آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي صوبائي مجلس شوريٰ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ميمبرسازي مهم، تنظيمي مامرن، سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ صوبي کي درپيش مختلف مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته مختلف معاملن تي قراردادون پڻ منظور ڪيون ويون. جاري تنظيمي ۽ عوامي رابطا مهم جو جائزو وٺندي ايندڙ لائحه عمل پڻ طئي ڪيو ويو. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف اجلاس ۾ ميمبرسازي مهم ۽ مختلف عوامي ۽ تنظيمي مهمن ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ پيش ڪئي.صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ وڏيرا شاهي، جبر ۽ ڪرپشن جو اهڙو ڄار وڇايل آهي، جنهن صوبي جي عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم ڪري پٿر واري دور ۾ پهچائي ڇڏيو آهي. لاڳيتو ارڙهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان سنڌ جي اقتدار تي قابض رهندڙ پيپلزپارٽي جي حڪومت عوام کي تعليم، صحت، روزگار، صاف پاڻي ۽ بنيادي شهري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ به مڪمل طور تي ناڪام رهي آهي. سرڪاري وسيلا عوام جي ڀلائي بدران ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي جي وَر چڙهي رهيا آهن. غربت جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي سنڌ ۾ 26 ارب رپيا خرچ ڪرڻ باوجود غربت ۾ گهٽتائي بدران چار سيڪڙو اضافو ۽ وڌيڪ 17 لک ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويا آهن. اهي انگ اکر سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ غربت جي خاتمي جي دعوائن تي وڏو سواليا نشان آهن. رڳو امدادي پروگرامن سان غربت ختم نٿي ٿي سگهجي، ان لاءِ ميرٽ تي روزگار جا موقعا، معياري تعليم، صحت جون سهولتون ۽ ميرٽ تي ٻڌل معاشي نظام ضروري آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي امير وڌيڪ چيو ته ملڪ کي موجوده معاشي، سياسي ۽ سماجي بحران مان ڪڍڻ لاءِ موجوده ڪرپٽ ۽ مُدي خارج نظام جو خاتمو اڻ ٽر آهي. شريعت جو انصاف تي ٻڌل نظام، ايماندار ۽ صالح قيادت ئي ملڪ کي موجوده بحرانن مان ڪڍي ۽ عوام کي مهانگائي، بيروزگاري، غربت ۽ بدامني جهڙن مسئلن مان نجات ڏياري سگهي ٿي. جماعت اسلامي عوام جي حقن لاءِ پنهنجي پُرامن جدوجهد جاري رکندي ۽ حڪمرانن کي عوام دشمن پاليسين کان پاسو ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو. هن صوبائي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته هوءَ 03 سيپٽمبر تي اعلانيل شٽر ڊائون هڙتال کي تاريخي ۽ ڀرپور بڻائڻ لاءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين سمورن ضلعن ۾ واپاري تنظيمن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن سان مؤثر رابطا مهم هلائين ۽ عوام کي حڪومتي ليوي جي اثرن ۽ ان خلاف احتجاج جي اهميت کان آگاهه ڪيو وڃي. اجلاس جي شروعات ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي قَيّم اميرالعظيم، ميان مقصود احمد، نعمان ڀٽو، پروفيسر مسعود علي، شهيد طارق سهندڙو، سميع الله ڀٽو سميت ٻين مرحومين لاءِ مغفرت جي دُعا ڪئي وئي.#
مشهور خبرون










