نيپال: جهاز حادثي کان اڳ مسافر جي فيس بڪ لائيو، خوفناڪ منظر

نيپال: جهاز حادثي کان اڳ مسافر جي فيس بڪ لائيو، خوفناڪ منظر

نيپال )ويب ڊيسڪ)نيپال ۾ جهاز ڪري تباهه ٿيڻ کان ڪجهه منٽ اڳ مسافر طرفان ٺاهيل فيس بڪ لائيو وڊيو وائرل ٿي وئي آهي ۽ دل کي ڇهندڙ منظر هر ڏسندڙ جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا آهن.پرڏيهي خابرو اداري موجب کٽمنڊو کان ايندڙ جهاز نيپال جي پوڪرا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊنگ دوران حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن سبب جهاز کي باهه لڳي وئي.حادثي ۾ جهاز ۾ سوار 72 مان 70 جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻين 2 ڄڻن جي اڃا تائين سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.جڏهن ته ان سانحي جي هڪ وڊيو سامهون آئي آهي جيڪا ڀارتي مسافر سونو جيسوال ٺاهي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سونو جيسوال لينڊنگ کان اڳ پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تان لائيو هلي رهيو هو ته اوچتو وڊيو ۾ ڏٺو ويو ته زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن کانپوءِ ڌماڪو ٿيو ۽ ان دوران اندر هر طرف باهه لڳي وئي.ان کان اڳ جهاز حادثي جي ٻاهرئين فوٽيج سامهون اچي چڪي هئي، جنهن ۾ جهاز کي آسمان کان زمين تي ڪري پيو ۽ ان کي اونڌو ڪندي ڏيکاريو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو