ٽنڊو غلام حيدر ( رپورٽ ميرحسن رند) مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ٽائون ڪميٽي ٽنڊو غلام حيدر جي 7 ئي وارڊن تي پ پ پ جا اميدوار سوڀارا ٿي ويا. وارڊ نمبر هڪ تي پ پ جو جان محمد جت وارڊ نمبر 2 تي عبدالمجيد خاصخيلي وارڊ نمبر 3 تي بابو ارشاد جڳسي وارڊ نمبر 4 تي امير سلطان چانڊيو وارڊ نمبر 5 تي عبدالرزاق سومرو وارڊ نمبر 6 تي اسلم نوتڪاڻي ۽ وارڊ نمبر 7 تي پ پ جي اميدوار هاشم ورڙ ميدان ماري ورتو جيالن جيت جو جشن ملهايو ۽ جهمريون هنيون.










