ٿڌ گهٽجڻ بعد پولنگ اسٽيشنز تي ووٽرن جو انگ وڌي ويو

ٿڌ گهٽجڻ بعد پولنگ اسٽيشنز تي ووٽرن جو انگ وڌي ويو

سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن سميت ٻين ضلعن ۾ پولنگ جو عمل جاري آهي.

صبح 8 وڳي کان شروع ٿيندڙ پولنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندو.

صوبائي وزير محنت ۽ افرادي قوت سنڌ ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني يوسي 8 چنيسر ٽائون ۾ عام ووٽر وانگر پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل اڄ جاري آهي.

حيدرآباد ۾ 2551، دادو ۾ 1436، ڄامشورو ۾ 839، ٽنڊوالهيار ۾ 781، مٽياري ۾ 715 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 452 اميدوار مختلف سيٽن تي چونڊ وڙهي رهيا آهن.

ڪراچي جي 246 يو ايس سيز ۾ ووٽنگ:
ڪراچي جي 7 ضلعن جي 25 ٽائونن جي 246 يونين ڪائونسلن جي 984 وارڊن ۾ ووٽنگ جو عمل جاري آهي.

هر يونين ڪائونسل ۾ 4 وارڊ آهن، ووٽر کي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کان علاوه وارڊ جي جنرل ڪائونسلر جي چونڊ ڪرڻي آهي، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جو هڪ ووٽ هوندو، ٻيو ووٽ جنرل ڪائونسلر جو هوندو، هر يونين ڪائونسل جو 11 ميمبرن تي مشتمل آهي، يونين 6 ميمبر سڌو سنئون ڪائونسل ۾ چونڊيا ويندا.

ڪراچي ڊويزن ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ جنرل ميمبر جي سيٽن لاءِ 9 هزار 58 اميدوار ميدان ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو