اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي بيلٽ باڪس جي سيل ٽوڙڻ جو نوٽيس ورتو آهي. فردوس شميم نقوي پولنگ اسٽيشن ۾ بيلٽ باڪس جي سيل ٽوڙڻ جي وڊيو پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪئي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته صبح کان پولنگ اسٽيشن تي ڪو به عملو موجود ناهي، هڪ ڪمري ۾ 5 باڪس رکيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن جي ڪا به عورت اسٽاف موجود ناهي.
صبح سے کوئی بھی عاملہ موجود نہیں پولنگ سٹیشن میں ۔ ایک کمرے میں 5 باکس رکھے ہوئے ہیں۔ کوئی خاتون عملہ موجود نہیں الیکشن کمیشن کی طرف سے۔ پریذائیڈنگ آفیسر کی کوئی ٹریننگ نہیں۔تمام باکس کی سیل کھلی ہے۔الیکشن کمیشن والو شرم سے ڈوپ مارنے کا مقام ہے۔ یہ کام امیدوار کا نہیں ہے۔ pic.twitter.com/hG6XWyHDtA
— Firdous Shamim Naqvi (@Fsnaqvi) January 15, 2023
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”تحصيل ميونسپل ڪميٽي جناح جي يو سي 2 ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فردوس شميم نقوي جي بيلٽ باڪس جي سيل ٽوڙڻ جو نوٽيس ورتو ويو آهي“. بيان ۾ فردوس شميم نقوي کي پولنگ اسٽيشن تان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي وڌيڪ چيو ويو ته ”اهو غير قانوني عمل ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي“.










