اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ادارن خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ جو اڳواڻ شهباز گل ماسڪ لڳائي ايمبولينس ۾ عدالت پهتو جتي سندس طبيعت خراب ٿي وئي.شهباز گل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طاهر عباس سپرا ڪئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل ايمبولينس ۾ عدالت پهتو شهباز گل کي ايمبولينس ۾ آڪسيجن ماسڪ لڳل هو جتي هو کنگهي رهيو هو.جوابدار عماد يوسف جي وڪيل چيو ته منهنجي موڪل کي مليريا بخار ٿي ويو آهي ان ڪري ان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وڃي. جوابدار عماد يوسف جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي.جج ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته هنن قطارون لڳائي ڇڏيون آهن، شهباز گل ايمبولينس ذريعي لاهور کان اچي ويو جڏهن ته عماد يوسف ڪراچي کان هتي ناهي پهتو.










