واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته دهشتگردي خلاف دفاع پاڪستان جو حق آهي، پاڪستاني عوام دهشتگرد حملن مان سخت جانيون برداشت ڪيون آهن.واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ڏيندي نيڊ پرائس چيو ته طالبان کي چيو وڃي ته پنهنجا واعدا پورا ڪن، افغان سرزمين کي دهشتگردي لاءِ لانچنگ پيڊ طور استعمال نه ڪيو وڃي.نيڊ پرائس چيو ته اسان جائزو وٺي رهيا آهيون ته طالبان جي فيصلن خلاف ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان خبردار ڪيو آهي ته هو اڳ ئي چئي چڪا آهن ته آمريڪا طرفان جواب ڏنو ويندو.










