نواب شاھ (رپورٽ اي ڪي ڏاھري)جسقم نوابشاهه پاران جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي جنوري ۾ سالگره واري مهيني ۾ پهرين جنوري تي جشن جي ايم سيد ملهايو ويو۔ تقريب جي صدارت جسقم جي جهوني اڳواڻ خادم السنڌ سرفراز ميمڻ ڪئي۔ ’رياست ۽ مظلوم قومون‘ جي عنوان تي ليڪچر پروگرام ٿيو. خطاب ڪندي سرفراز ميمڻ چيو ته هن ۾ انساني ۽ قومي خدمت واري سياست تي پابندي مڙهي ڏاڍ جي زور تي سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي قومي ڪارڪن سياسي، نظرياتي پختگتي لاء ههڙا پروگرام ڪرائڻ وقت جي ضرورت آهي جسقم سنڌ جي قومي عوامي نمائنده جماعت آهي جيڪا وفاق جي جبري الحاق کي رد ڪري ٿي. هن چيو ته رياستن جو اولين مقصد عوامي فلاح هوندو آهي پر هن رياست ۾ سنڌين سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ رکيو پيو وڃي. قومن جي خاص ڪري سنڌي قوم جي حق تلفي ڪندي رهي آهي. ملڪ جي معاشي صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو هنن کي پنهنجا پيٽ وڌيڪ عزيز آهن رياست پاران 47 کان پوء لاقانونيت، اقربا پروري ۽ ڏاڍو سو گابي وارو نظام رائج ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪرپشن، استحصال ڪرڻ تي ٻڌل آهي. جنهن جي نتيجي ۾ بنگال پنهنجي جان ڇڏائي آزاد ٿي ويو پر اها ساڳي روش سنڌين ۽ بلوچن سان جاري آهي سنڌ جا معدني وسيلا سنڌي جي وس ۽ اختيار ۾ نه آهن سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙي ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. جنهن سان سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ٿيڻ ڏانهن پئي وڃي. هن ملڪ کي 26 ارب ڊالر گهربل آهن ٻئي صورت ۾ هي ڊفالٽ ۾ هليو ويندو هاڻي سمورا ادارا هنن جي ناقص پاليسين سبب ختم ٿي چڪا آهن ۽ سڄي دنيا جي خيرات جي آسري تي ڀاڙي رهي آهي۔ سنڌ مظلوم آهي جنهن جي سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي ڪئي پئي وڃي۔ اسين سنڌي قوم جي مسئلن جو حل فڪر جي ايم سيد ۾ ئي سمجهون ٿا ڇاڪاڻ فڪر جي ايم سيد هر مظلوم ۽ محڪومن جي نجات جو حل ۽ ذريعو آهي. تقريب کي بادل بروهي ۔ سڪندر انڙ ۔ منير ابڙو ۔ نادر ڀنگوار ۔ فراز عباسي ۔ ڊاڪٽر الهرکيو ڪلهوڙو ۔ عاشق سنڌي ۽ ڪاشف لاکو سيد جي زندگي تي روشني وجهي ڀيٽا پيش ڪئي ۔۔۔ سرڪش سنڌي ۔ ساگر سنڌي ۔ گوهر سنڌي قومي گيت چئي محفل کي گرمائي ڇڏيو.










