زخمي هرڻ هٿ 3 جوابدار گرفتاري بعد آزاد

زخمي هرڻ هٿ 3 جوابدار گرفتاري بعد آزاد

نئون ڪوٽ (ن سنڌيار) گاڏي ۾ هرڻ کڻي ويندڙ ڊرائيور سميت ٻن ڄڻن کي وڄوٽو پوليس سوگهو ڪري وائلڊ لائيف حوالي ڪري ڇڏيو، مٺي کان نئون ڪوٽ طرف ايندڙ ڊاٽسن گاڏي وڄوٽو پوليس روڪي جنهن مان هڪ زخمي هرڻ مليو، پوليس موجب اسان کي اطلاع مليا ته گاڏي سوار ٻڪري کنيو ٿا اچن اسان گاڏي روڪي ته ان مان زخمي هرڻ مليو، جيڪو آخري پساهن ۾ هو جنهن کي آسان اعلي عملدارن کي اطلاع بعد ذبح ڪرايو، جڏهن ته راڻيپور سان تعلق رکندڙ ڊرائيور مهتاب شيخ سميت ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي وائلڊ لائيف کاتي حوالي ڪيو، ڊرائيور مهتاب شيخ موجب اسان اسلامڪوٽ کان مرغي جو ڪچرو کڻي واپس وڃي رهيا هئاسين ته سانياسر نھڙي ڀرسان هرڻ گاڏي سان ٽڪرائجي زخمي ٿي پيو، جنهن کي کڻائي پوليس حوالي ڪيو شڪار ناهي ڪيو، ھوڏانھن وائلڊ لائيف کاتي جو چوڻ آهي ته ظاهري طرح ڪو ڌڪ نظر ناهي آيو پوسٽ مارٽم بعد خبر پوندي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو