سواتي جو ڪيس انساني حقن جي ڀڃڪڙي طور اجاڳر ڪرڻ جي هدايت

سواتي جو ڪيس انساني حقن جي ڀڃڪڙي طور اجاڳر ڪرڻ جي هدايت

لاهور (ويب ڊيسڪ) زمان پارڪ لاهور ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي صدارت سينيئر پارٽي قيادت جو اجلاس ٿيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان اڳواڻن کي سينيٽر اعظم سواتي جو ڪيس انساني حقن جي ڀڃڪڙي طور اجاڳر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.عمران خان سان پارٽي سينيٽرن جي ملاقات جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي، ذريعن موجب عمران خان سينيٽرن کي اعظم سواتي جو ڪيس اجاڳر ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. پي ٽي آءِ سينيٽ جي فلور ۽ عدليا سامهون انساني حقن بابت معاملن اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ عمران خان چيو ته انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي، پي ڊي ايم حڪومت آئيني ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو