ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته پاڪستان جا معاشي معاملا مشڪل آهن پر ڪنٽرول هيٺ آهن، ثابت ڪري سگهان ٿو ته ملڪ ڊفالٽ نه ٿيندو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سي پيڪ تي ڌيان نه ڏنو، سستي سياست لاءِ پاڪستان کي نقصان پهچايو پيو وڃي، ملڪ کي ڊفالٽ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ڪجهه ماڻهو سون ۽ ڪجهه ڊالر خريد ڪري رهيا آهن، سياسي مقصدن لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ درست ناهي. هن وڌيڪ چيو ته سنگين مسئلا آهن پر اسان کي انهن کي حل ڪرڻو آهي، اسان کي ڪنهن جي خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪرڻي آهي، اسان کي ملڪ جي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، مان ثابت ڪري سگهان ٿو ته پاڪستان ڊفالٽ نه ٿيندو، مدد لاءِ پيرس ڪلب وڃي رهيا آهيون. مان نه ويندس، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان جي پوزيشن واضح ٿي ويندي، پاڪستان جا مسئلا حل ڪري رهيو آهيان، هي ماضي جو پاڪستان ناهي، ملڪ ڇو ڊفالٽ ڪندو. هن چيو ته 2013 ۾ به چيو پيو وڃي ته پاڪستان 6 مهينن ۾ ڊفالٽ ٿي ويندو، ڊڪٽيٽر آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل نه ڪري سگهيا، ن ليگ آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته معيشت کي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان جو ذميوار نه آهيان، پاڙيسري ملڪ کي ڊالرن جي اسمگلنگ وڏو مسئلو آهي، اسان کي ڊالر، ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ کي روڪڻو آهي، ايندڙ 6 کان 7 سالن ۾ ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو ويندو. پاڪستان کي 35 ارب ڊالرن جي ضرورت پوندي.










