سنڌ ۾ 4 مهينن ۾ معذورن جي ڪوٽا تي ڀرتي مڪمل ڪرڻ جو حڪم

سنڌ ۾ 4 مهينن ۾ معذورن جي ڪوٽا تي ڀرتي مڪمل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کي 4 مهينن ۾ مخصوص ماڻهن جي ڀرتين جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ خاص ماڻهن کي ڪوٽا تي نوڪريون نه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران عدالت سرڪاري نوڪرين ۾ خاص ماڻهن جي ڪوٽا تي عمل نه ڪرڻ تي سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي خاص ماڻهن جي ڪوٽا 4 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته سمورن کاتن ۾ خاص ماڻهن جي ڀرتي جو عمل ٻن هفتن ۾ شروع ڪيو وڃي، ان تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڀرتيون انهن کاتن ۾ ڪيون وينديون جن ۾ ڀرتيون خالي آهن، ان تي عمل درآمد حد ڪيتري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو