ڳڙهي خدابخش( رپورٽ شاد محمد ڀٽو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فوج جو سياست ۾ مداخلت کان توبهه ڪرڻ جمهوريت جي فتح آهي، جمهوريت، جيالن ۽ ٻينظير جو انتقام آهي. اهڙو اظهار هن ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد راني محترمو بينظير ڀٽو جي پندرهين ورسي جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته صدر زرداري جي حڪمت سبب پرويز مشرف جهڙي آمر ۽ سندس باقيات سليڪٽيڊ عمران خان کي ايئن اقتدار مان ٻاهر اڇلايو جيئن کير مان مک کي ٻاهر اڇلائبو آهي. هن چيو ته عمران ويندي ويندي معيشت تي خود ڪش حملو ڪيو ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي جي ڪنڌي تي پهچايو. هن چيو ته جڏهن ڇان فوج جي سپهه سالار سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي عمران جهڙا سياستدان پاڻ کي يتيم سمجهن ٿا، هي فوج کي منٿون ٿو ڪري سندس آڱر پڪڙي وري اقتدار ۾ وٺي اچي. مان ٻڌايان ٿو ته مشرف ۽ سندس باقيات جو وقت پورو ٿي ويو. هن چيو ته عمران تون هن عمر ۾ صدر زرداري کي جيل ۾ وڌو، عيد رات اسپتال مان ادي فريال کي جيل موڪليو، اسين تو سان ايئن نه ڪنداسين، اچو واپس پارليمان ۾ اچو قانونسازي ڪريون، جيڪڏهن پنهنجي انا ۽ ضد اوهان نه ڇڏي ۽ تخريبي سياست جاري رکي ته پوءِ ياد رکجان اسين توکي بچائي نه سگهنداسين. بلاول چيو ته عمران کي اقتدار مان جيالن ڪڍيو ۽ هو الزام صدر جو بائيڊن تي هڻي ٿو ۽ وائيٽ هائوس تي سازش جو الزام ٿو هڻي. مان ٿو توکي ٻڌايان ته اها سازش بلاول هائوس ۾ ٿي اسان اعلان ڪري توکي پارليمان مان آئيني ۽ جمهوري طريقي سان ٻاهر اڇلايو. هن چيو ته سياست ۾ نوجوانن کي اڳتي اچڻ گهرجي، ايندڙ وقت اسانجو آهي ۽ اسين شهيد بي بي جو رهيل مشن مڪمل ڪنداسين. اوهان ساٿ ڏيو ايندڙ 15 سالن ۾ شهيد بي بي جو مشن مڪمل ڪنداسين. هن چيو ته مان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل مسٽر گوتريس جو شڪر گذار آهيان جنهن سيلاب جي تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪئي ۽ هو وزيراعظم شبهاز شريف سان گڏ 9 جنوري تي عالمي امدادي ڪانفرنس منعقد ڪري پيو. هن چيو ته مراد علي شاهه جي وقتائتي محنت سبب ورلڊ بئنڪ کان 2 ارب دالر قرض مليو، اسين ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهڻ لاءِ امداد ڏينداسين، بنا وياج قرض ڏينداسين ۽ ڳوٺ آباد ۾ جنهن جا گهر آهن اها سرڪاري زمين آهي ته ان جا مالڪاڻا حق به ڏينداسين.










