تهران(ويب ڊيسڪ) ايران ۾ هلندڙ حڪومت مخالف احتجاج لڳاتار جاري آهي ۽ 100 ڏينهن گذرڻ بعد به ان ۾ گهٽتائي ناهي آئي. ايران ۾ 1979ع جي اسلامي انقلاب کان پوءِ سڀ کان هي ڊگھو حڪومت مخالف احتجاج آهي. هن احتجاج ايراني حڪومت کي ڌوڏي ڇڏيو آهي پر ان لاءِ عوام وڏي قرباني ڏني آهي. انساني حقن جي تنظيمن موجب، 500 کان وڌيڪ مظاهرين، جن ۾ 69 ٻارڙا شامل آهن، مارجي چڪا آهن. ٻن احتجاج ڪندڙن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 26 ٻين کي ساڳئي سزا عدالتن ٻڌائي آهي. ايران جي عدالتن جي اهڙن فيصلن کي ايمنسٽي انٽرنيشنل کي “شيم ٽرائل” قرار ڏنو آهي. ايران ۾ هن کان اڳ به ڪيترائي عوامي احتجاج ٿي چڪا آهن پهريون ڀيرو 2017 جي آخر کان 2018 جي شروعات تائين، ۽ ٻيو نومبر 2019 ۾ وڏو احتجاج ٿيو هو پر هلندڙ احتجاج جي نوعيت انهن کان ڪافي مختلف آهي. ڇاڪاڻ ته موجوده احتجاج ۾ ايراني سماج جي هر شعبي جا ماڻهو شامل آهن ۽نهن احتجاج جو نعرو آهي، عورت، آزادي ۽ زندگي. وڏي ڳالهه هي آهي ته هن احتجاج جي قيادت عورتون ڪري رهيون آهن. ڪجهه ايراني مشهور شخصيتن احتجاج جي حمايت ڪرڻ لاءِ حيران ڪندڙ قدم کنيا آهن، جن جي ڪري انهن جي گرفتاري يا جلاوطني ٿي آهي. ياد رهي ته هي احتجاج ايران جي مورالٽي پوليس جي قيد ۾ 16 سيپٽمبر تي قتل ٿيل ڪردش عورت مَشا اميني جي واقعي بعد شروع ٿيو هو جيڪو 100 ڏينهن گذرڻ بعد به ڀرپور نموني جاري آهي.
ICYMI: Arshiya Emamqolizadeh Alamdari, 16, who had been detained for 10 days and charged for grabbing and tossing the turban of a cleric in Jolfa in Iran's East Azarbaijan province, committed suicide just two days after being released.https://t.co/bx897GeBDA pic.twitter.com/lviEynEZ77
— Iran International English (@IranIntl_En) November 29, 2022
ايران جي انقلابي ليڊر آيت الله خامنئي جي ڀاڻيجي گرفتار ٿي ۽ سندس ڀيڻ سميت هرڪو کيس ڊڪٽيٽر سڏيندي سندس مذمت ڪري ٿو. ڪيترا ايراني آرٽسٽ ملڪ ڇڏي چڪا آهن ۽ هزارين شهرين جيلن ۾ آهن. پوتي نه پائڻ تي مشا اميني کي قيد ڪيو ويو ۽ مٿس تشدد ڪري کيس قتل ڪيو ويو، جنهن بعد عورتون ايران جي سرڪاري ملن مولوين جا روڊ تي پٽڪا لاهي رهيون آهن.
Have you heard about "turban tossing"?
The controversial trend is sweeping Iran in the midst of widespread protests.
Here's what you need to know ⬇️ pic.twitter.com/E0mt2WzLEV
— Universal Life Church (@ulcmonastery) November 14, 2022
روڊن تي باحيون ڏئي پنهنجون پوتيون ۽ وارن جو چڳو ساڙي احتجاج ڪري رهيون آهن. ايران جو مقبول ترين فٽبالر علي ڪريمي، جنهن جا انسٽاگرام تي هڪ ڪروڙ 40 لک فالوئرز آهن، جيڪو دبئي ۾ هو تنهن به مظاهرن جي حمايت ڪئي ته ايراني انٽيليجنس ادارن جي ڌمڪين بعد آمريڪا ۾ پناهه ورتي آهي. هڪ ٻيو فٽبالر علي دئي مظاهرن جي حمايت ڪئي ته سندس زيورن جي دوڪان سميت ڪاروبار تي پابندي مڙهي دوڪان بند ڪيا ويا آهن، اهو به پهريون ڀيرو آهي ته احتجاج ڪندڙن پيٽرول بم استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن. ايراني حڪومت جيلن ۾ تشدد، ڦاهي ۽ روڊ تي قتل ٿيندڙن جا لاش ان بارگين بعد وارثن حوالي ڪري ٿي ته هو احتجاج نه ڪندا. ڪجهه فوتين جا وارث مرده خانن مان پنهنجي عزيزن جا لاش چوري ڪري رهيا آهن. جيل ۾ هڪ ڊاڪٽر جو 3 پاسيريون تشدد سبب ڀڄي پيون. نوجوان ڪردش ايراني ريپر ثمن ياسين کي موت جي سزا ڏني وئي آهي سپريم ڪورٽ سندس اپيل رد ڪئي آهي.










