ڪاهان ۾ بارودي سرنگ جو ڌماڪو ڪيپٽن سميت 5 فوجي شهيد

ڪاهان ۾ بارودي سرنگ جو ڌماڪو ڪيپٽن سميت 5 فوجي شهيد

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر سميت 5 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو جي علائقي ڪاهان ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪليئرنس آپريشن دوران بارودي سرنگ جو ڌماڪو ٿيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ هڪ آفيسر ۽ 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾ ڪيپٽن فهد، لانس نائيڪ امتياز، سپاهي اصغر، سپاهي مهران ۽ سپاهي شمعون شامل آهن. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب ملڪ دشمنن جون بزدلاڻيون ڪارروايون بلوچستان جي امن ۽ خوشحالي کي سبوتاز نٿا ڪري سگهن. ٻئي طرف ليويز اهلڪارن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 5 زخمين جي حالت نازڪ آهي. واقعي کانپوءِ ليويز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي تلاشي ورتي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو