لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين عمران خان ڇنڇر تي اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا تي نوان الزام لڳايا ۽ دعويٰ ڪئي ته رٽائرڊ جنرل پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اسانجي حڪومت ختم ڪرڻ جي ڊيل ڪئي. لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته گذريل سال مون کي معلوم ٿيو ته جنرل (ر) باجوه احتساب نٿو چاهي. پي ٽي آءِ سربراهه وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته اڳوڻي آرمي چيف جو خيال هو ته پي ٽي آءِ جي مقبوليت ۾ گهٽتائي آئي آهي پر ائين نه ٿيو، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو صحيح آرمي چيف هجي ها ته سندس حڪومت ملڪ کي ڪرپٽ مافيا کان صاف ڪري ڇڏي ها. هن وڌيڪ چيو ته شهباز شريف جڏهن جيل ۾ هو ته جنرل باجوا کيس فون ڪري سندس مزاج پرسي ڪئي، مونکي خبر پئي ته مون کائنس پڇو هي ڇا پيو ٿئي. هن چيو ته عوام جو اعتماد خراب ڪرڻ جي قيمت تي اقتدار نه کپي. مسلم ليگ (ق) اسانجو ساٿ ڏنو آهي ان ڪري هو اسانجا اليڪشن ۾ اتحادي هوندا. فارين فنڊنگ ڪيس بابت سوال تي هن چيو ته اسان وٽ ڊونيشن ڏيندڙ 40 هزار ماڻهن جي ڊيٽا بيس آهي، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وارن وٽ ته هڪ رسيد به نه آهي. هن چيو ته مونکي لڳي ٿو ته عام چونڊون ايندڙ سال مارچ يا اپريل ۾ ٿينديون. هڪ سوال تي هن چيو ته بلاول مونکان وڌيڪ دورا ڪيا آهن جيڪڏهن هو ذاتي خرچ تي پيو ڪري ته اهي سرڪاري نه پر سندس ذاتي دورا آهن. هن چيو ته مهانگائي عروج تي آهي مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 18 مان وڌائي 25 هزار ڪئي ٻيهر موقعو مليو ته ان کي ٻيڻو ڪنداسين.










