اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي علائقي آءِ ٽين فور ۾ پوليس تي آپگهاتي حملو ٿيو آهي جنهن ۾ هڪ هيڊ ڪانسٽيبل عديل شهيد ٿي ويو ۽ 6 ٻيا زخمي آهن. پوليس موجب ايگل اسڪواڊ وارن هڪ مشڪوڪ گاڏي کي روڪي تلاشي جي ڪوشش ڪئي ته گاڏي ۾ ڌماڪو ٿيو، گاڏي ۾ مرد ڊرائيور سان گڏ هڪ عورت به موجود هئي ۽ ٻئي خودڪش بمبار مارجي ويا. پوليس جي موٽر سائيڪل ۽ موبائيل کي نقصان پهتو. گاڏي راولپنڊي کان اسلام آباد آئي. گهرو وفاقي وزير رانا ثناءَ الله جو چوڻ آهي ته بظاهر اسلام آباد ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ هو ۽ پوليس اهلڪارن قرباني ڏئي وڏي تباهي کان بچائي ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي اهلڪار پمز اسپتال ۾ داخل آهن. سيف سٽي ڪيمرائن سان اهو طئي ڪيو پيو وڃي ته گاڏي ڪٿان آئي. پوليس علائقي ۾ ناڪا بند ي ڪري تلاشي وٺي رهي آهي ۽ سيڪورٽي چوڪس ٿي وئي آهي.










