سرڪاري ملازم عوام جا مسئلا حل ڪن، راجپوت

سرڪاري ملازم عوام جا مسئلا حل ڪن، راجپوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي سموري دنيا ۾ عقيدت سان ٻڌو وڃي ٿو. اهڙن خيالن جواظهار هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جشن لطيف جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام سنڌ سيڪريٽريٽ نان گزيٽيڊ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن ( سينوا ) طرفان ڪيو ويو. سينوا پاران هر سال سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جشن لطيف ملهايو ويندو آهي. تقريب ۾ سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن محمد حنيف چنا، صدر سينوا نظر حسين جلالاڻي ۽ ٻين ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت وڌيڪ چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي هر فرقي ۽ هر مذهب جا ماڻهو اچي حاضري ڀري سڪون محسوس ڪندا آهن.

Photo SID

هن وڌيڪ چيو ته قلندر لعل شهباز، سچل سرمست ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙن صوفين جي ڌرتي آهي. هن سمورن ملازمن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان سڀني کي پنهنجا فرض ايمانداري سان ادا ڪرڻا پوندا ۽ ماڻهن جي مسئلن کي صبر سان ٻڌڻ سان ئي انهن جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. تقريب ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ پروموشن ڪيل پرائيويٽ سيڪريٽريز کي پروموشن جا آرڊر ڏنا ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ مان رٽائر ٿيندڙ ملازمن امتياز علي جانوري، قائم الدين سمون ۽ مستقيم هاشماڻي کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا ويا. تقريب ۾ سينوا جي صدر نظر حسين جلالاڻي ملازمن جي پروموشن ۽ الاٽمينٽ سميت ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ۽ سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن محمد حنيف چنا کي ايوارڊ ڏنا. تقريب ۾ مختلف فنڪارن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام پيش ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو